ڪالاباغ يا ڪالاداغ ! ڪجھه يادگيريون

0
277
جمهوري راند جا اصول طئي ڪريو

 سنڌ ريلوي ڪمپني جي چيئرمين سر وليم پيٽرڪ ائنڊريو 1853ع ۾ لنڊن ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 70 تي ڪراچي کان پشاور ۽ ھاڻوڪي انڊين پنجاب جي فيروزپور شھر تائين ريلوي لائين وڇائڻ بابت فيزيبلٽي ۾ ڪالاباغ کي ڪالاداغ لکيو آهي. باغ ۽ داغ جي فرق کان قطعه نظر اها هڪ حقيقت آهي ته ڪالاباغ ڊيم جو نالو گذريل چاليهن سالن کان ملڪ جي ماڻهن خاص طور ننڍن صوبن جي عوام کي نه فقط ڪاري نانگ جيان هر وقت ڊيڄارڻ لاءِ ڪتب اچي ٿو پر اهو فيڊريشن تي به هڪ ڪارو داغ آهي.

  ڪالاداغ ڊيم جو اڀياس سڀ کان پهريائين ورلڊ بينڪ جي تعاون سان 1953ع ۾ شروع ڪيو ويو جڏهن پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ اڃان سنڌ طاس معاهدي تي صحيحون نه ٿيون هيون جيڪي 1960ع ۾ ڪراچي ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن لياقت علي خان ۽ جواهر لال نهرو ڪيون جنهن۾ ورلڊ بينڪ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو. ان معاهدي جي ڳالهين ۾ شامل هڪ سنڌي انجنيئر محمد صالح قريشي کي جيڪو مغربي پاڪستان جو چيف آف واٽر هو سندس پاران اٿاريل اعتراضن سبب الڳ ڪيو ويو. ان معاهدي تحت ٽي درياءَ ستلج، بياس ۽ راوي انڊيا کي وڪرو ڪيا ويا جن جي رقم انڊيا، ورلڊ بينڪ، برطانيا ڏني. رڳو انڊيا جي ڏنل 62 لک اسٽرلنگ پائونڊ جو ملھه ان زماني جي 125 ٽن سون برابر هو جيڪا رقم پاڪستان کي ملي جنهن مان پنجاب ۾ لنڪ ڪينال ٺاهيا ويا.

ڪالاداغ ڊيم جي ٻيون دفعو ذڪر ايم آر ڊي تحريڪ بعد 1984ع ۾ ڪيو ويو. ان تحريڪ جي رد ۾ ڊگهي منصوبا بندي تحت ٻه فيصلا ڪيا ويا. هڪ ته سنڌ جي موقف کي ڪمزور ڪري ورهائڻ لاءِ نسلي بنيادن تي دهشتگرد تنظيم جو بنياد وڌو ويو جيڪو بعد ۾ سندن ئي ڳچي ۾ پيو ۽ ٻيو اهو ته ڪالاداغ ڊيم جي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان وقت مان سنڌي شاگرد تحريڪ جو جنرل سيڪريٽري هوس ۽ اسان هر ضلعي ۾ هر سال بجيٽ تي محدود پئماني تي سيمينار ڪرائيندا هئاسون جن۾ بجيٽ ڇا ٿيندي آهي ۽ ان۾ رکيل ترقياتي پروگرامن، قرض، وياج، دفاعي خرچ وغيره تي مان ڳالهائيندو هوس جنهن۾ چارٽن جي مدد سان گرافن وسيلي شاگردن کي ان بابت سمجهائيندو هوس. بجيٽ بابت اخبارن خاص طور ڊان جي نئين نڪتل اقتصاديات ۽ واپار بابت پيلي رنگ جي چئن صفحن جن کي EBR چئبو هو ۽ جيڪي برک صحافي ايم ضياءَالدين جي قيادت ۾ نڪرندا هئا تنهنکي باقاعدگي سان پڙهندي اها خبر ملي ته 1984ع-85 جي بجيٽ ۾ ڪالاداغ ڊيم جي اسٽڊي لاءِ رقم رکي وئي آهي ۽ ڊيم جي 1987ع ۾ تعمير شروع ڪئي ويندي. سرحد صوبي خاص طور خان عبدالولي خان جي پارٽي وڏي پئماني تي ان جي مخالفت شروع ڪئي ڇو جو اها پنجاب جي ميانوالي ضلعي ۾ ٺهڻي هئي جنهن مان تربيلا ڊيم جي ابتڙ پنجاب کي بجلي تي رائلٽي ملي ها پر مخالفت ۾ هنن سبب اهو ڄاڻايو ته سندن سرسبز ضلعو نوشهره ڊيم جي اوچائي سبب ٻڏي ويندو ۽ مردان، صوابي۽ ٻين ضلعن جي زراعت به تباھه ٿيندي. هن ڊيم کي بمن سان اڏائڻ جي ڌمڪي به ڏني. خود سرحد جو فوجي گورنر فضل حق جيڪو ضياءَ جو دوست هو سو به ان جي مخالفت ۾ بيٺو. اسحاق خان تازو ئي خزاني جو قلمدان محبوب الحق جي حوالي ڪيو هو سو به ان سان سهمت نه هو.

سنڌ ۾ ان بابت اڃان ڪا تحريڪ ته ڇا پر ان بابت ڪا خبر چار به نه هئي. مون SST جي مرڪزي ڪميٽي ۾ اها ڳالهھ رکي ته ڊيم لاءِ بجيٽ رکي وئي آهي ۽ ان معاملي کي کڻجي. اتفاق سان منهنجي شادي واري ڏينهن قمبر ۾ 12 اپريل 1985ع تي مرڪزي ڪميٽي جي ميٽنگ ٿي جنهن۾ مون به شرڪت ڪئي ۽ ان بابت فيصلو ٿيو ته انجو اڀياس ڪيو وڃي. ان وقت عام طور ڊيم بابت سنڌي شاگردن کي ٽيڪنيڪي معلومات بلڪل نه هئي. گهڻا ماڻهو انکي بئراج سمجهندا هئا. سنڌ مان عوامي تحريڪ جي اڻسڌي مدد سان چونڊيل سينيٽر حمزو خان پليجو مئي 1985ع ۾ سينيٽ ۾ مطالبو ڪيو ته ڊيم سنڌ ۾ ٺاهيو وڃي. حالانڪه بعد ۾ سنڌي انجنيئرن سمجهايو ته سنڌو درياءَ ڊيم جي آخري جڳھه ڪالاداغ ئي آهي. جساف مطالبو ڪيو ته سنڌ کي سنڌ طاس موجب پاڻي ڏنو وڃي حالانڪه اهو معاهدو سنڌ ۽ پنجاب وچ۾ نه پرپاڪستان ۽ انڊيا وچ۾ هو جنهنجو سڌو واسطو سنڌ سان نه هو. ڪيوسڪ ۽ ملين ايڪڙ فوٽ جي فرق بابت به ڪو علم نه هو.

ڪيوسڪ هڪ سيڪنڊ ۾ پاڻي جي في مڪعب فوٽ وهڪري جو ريٽ جڏهن ته ملين ايڪڙ فوٽ مقدار يا گنجائش جو پئمانو آهي. جڏهن ڪنهن پوائنٽ تان 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي چوويھه ڪلاڪ مسلسل ڏهن ڏينهن لاءِ گذرندو تڏهن هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ٿيندو. ڪالاداغ ڊئم ۾ نه فقط 6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جمع ٿيڻو هو پر ان مان ٻن ڪينالن وسيلي جن جي گنجائش 12 ملين ايڪڙ فوٽ هئي پاڻي پنجاب لاءِ کڻڻو هو. ايئن ڪالاداغ خلاف تحريڪ جو پهريون مرحلو سمجهڻ جو مرحلو هو ۽ انکي عوام لاءِ مارڪيٽ ڪيئن ڪجي جو اهوسولو لڳي ۽ عوام ان تي راضي ٿئي اهو به هڪ وڏو چئلينج هو ڇو ته ميڊيا ۾ اهو پئي ڦهلايو ويو ته پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. ان “ضايع” بابت نه فقط انگ اکر غلط پر بي سمجهي تي ٻڌل هئا ڇو ته بقول فطرت جي انگريزي شاعر وليم ورڊس ورٿ جي اهو پاڻي دريائن مٿان سمنڊ جو قرض هوندو آهي جيڪو نه موٽائي ڏيڻ جي صورت ۾ درياءَ سمنڊ جي پلئه کان بچي نٿا سگهن. ڇو ته بادل اهو پاڻي سمنڊ مان بخارن وسيلي کڻي پهاڙن ۽ ميدانن تي برسات وسائيندا آهن جنهن مان درياءَ ٺهندا آهن.بعد ۾ شاعر اهو به چيو ته درياءَ سوچيندا آهن جن جو تعلق نه فقط ارگرد جي باشندن جي سوچ سان هوندو آهي پر انهن جي سوچ تي اثر به وجهندو آهي. سنڌو جي ڌيمي وهڪري جو سنڌي باشندن جي سوچ تي وڏو اثر آهي. سنڌو نيل کان وڏو درياءَ هئڻ باوجود نيل جي ابتڙ نه جلدي ڀرجندو آهي ۽ نه جلدي خالي ٿيندو آهي.

انڪري سمجھه جي پهرين مرحلي لاءِ اسان اخبارون، ڪتابچا پڙهيا خاص طور سنڌ سيڪريٽريٽ مان پراڻي تحريڪي دوست اسانکي سابق سيڪريٽري آبپاشي شير محمد بلوچ جي ڪتاب “پاڻي منجھه پساھه” ۽ ٻين دستاويزن کان سواءِ انگريزي رسالي هئرالڊ ۾ به هڪ مضمون شايع ٿيو هو جنهن اسان جي ڪافي مدد ڪئي. اهي پڙهي ان نتيجي تي پهتاسون ته گذريل هڪ سئو سالن ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ۾ پاڻي جا ڦڏا ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن جي نبيري لاءِ معاهدا، ٽربيونل، ڪميشنون، آربيٽريشن تحت فيصلا توڙي معاهدا ٿيندا رهيا آهن پر ان تي مڪمل طور عمل ڪڏهن به نه ٿيو آهي. 1919ع کان 1983ع تائين انڊيا اريگيشن ڪميشن، سنڌ پنجاب معاهدو، ڪاٽن ڪميٽي، ائينڊرسن ڪميشن، رائو ڪميشن، جسٽس اختر حسن، جسٽس فضل اڪبر، جسٽس انوارالحق، جسٽس عبدالحليم ڪميشن، ٽيڪنيڪل ڪميٽيون وغيره شامل هيون. انڪري جڏهن فيصلن تي عمل نه ڪرڻ جي هڪ صدي جي تاريخ هجي تڏهن ڪنهن ڪاغذ تي ڪيئن اعتبار ڪري سگهجي ٿو.

ايئن اسان معاملي تي سموري سنڌ ۾ ڊيم مسئلي تي چاڪنگ، اسٽڊي سرڪل، سيمينار منعقد ڪيا، مختلف ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪيون. اسان ان وقت سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهندا هئاسون. هر مهيني سنڌي ميڊيڪوز پاران “ڇوليون” نالي هڪ وال پيپر ميگزين ڪڍندا هئاسون جنهن جو مان ايڊيٽر هوس ان۾ پهريون دفعو اسان ان ڊيم خلاف لکيو. تڏهن SST پاران “سنڌي ماڻهن جا مسئلا” تي هڪ پوسٽر ڇپائڻ جو فيصلو ٿيو ان۾ ڪالاداغ بابت به هڪ مطالبو هو. تنهن وقت پليجو صاحب جناح اسپتال ۾ نظربند هو ۽ اسان ساڻس ملنداهئاسون. اسان کيس ان پوسٽر جو متن ڏيکاريو ته اهواسان ڇپائي رهيا آهيون هن ڪجھه مطالبا وڌايا ۽ اسان ڇپائڻ لاءِ روانا ٿي وياسون. بعد ۾ سندس راءِ هئي ته ڊيم جو مسئلوسمجهائڻ ڏکيو آهي ان ڪري انکي في الحال خارج ڪريو!. گل ميتلو جيڪو ان وقت پبلسٽي سيڪريٽري هو ۽ مون کيس چيو ته اهو ڇپجي روانو به ٿي ويو آهي ۽ سڀاڻي هر هنڌ ڀتين تي لڳل هوندو.

بعد ۾ 1988ع ۾ پليجي صاحب جي صدارت ۾ حيدرآباد جي بلديا ڪالوني ۾ “صلاح مصلحت. ڪانفرنس ٿي جنهن۾ ابراهيم جويو صاحب، جمال ابڙو صاحب، عبدالله جي ميمڻ صاحب، غلام سرور اعواڻ به شريڪ ٿيا جن۾ مختلف ڪميشنن جون رپورٽون پڙهيون ويون جن۾ دهشتگردي، تعليمي ادارن ۾ غنڊه گردي وغيره تي ٺهيل ڪميشن شامل هيون. مان ايس ايس ٽي جي پاڻي ڪميشن جو چيئرمين هوس ۽ مون پنهنجي رپورٽ ۾ پاڻي تي سنڌ پنجاب وچ۾ هڪ صدي جي ڦڏن جي تاريخ جي روشني ۾ اهو ٻڌايو ته پنجاب ۾ ڊيم دراصل پاڻي مٿان تالو آهي جنهن جي چاٻي سنڌ وٽ نه هوندي ۽ هو جڏهن چاهيندا تڏهن ٻوڏ جي صورت ۾ تالو کولي سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيندا ۽ اڻاٺ جي صورت ۾ تالو بند ڪري خشڪ ڪري ڇڏيندا. ان ڳالھه جي اتي ويٺل دانشورن پاران آجيان ڪئي وئي ۽ عوام کي آساني سان سمجهائڻ لاءِ هڪ نعرو ملي ويو. اھڙي طرح ان جي مارڪيٽنگ شروع ٿي. بعد ۾ ان ۾ زراعت ۽ اريگيشن جي ماهرن انکي سجهائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.

اھڙي طرح ان جدوجھد جي پھرين علمي ڏاڪي ڊامينو راند وانگر ٻئي ڏاڪي “اسٽريٽ” کي ڌڪو ڏنو جنھن جو ڪلائيميڪس ڪراچي ۾ سنڌي عوام جي قومي اتحاد پاران 14 اپريل 1988ع تي پليجي صاحب جي قيادت ۾ ھزارين ماڻھن جو شاندار جلوس ھو.  اسٽريٽ انجي ٽئين فيصلا ڪن مرحلي “پارلياماني” جي شروعات ڪئي جنهن سبب پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي ۾ 1990ع ۾ ٺهراءَ پاس ٿيو. انهن ٻن مرحلن تي ڪنهن ٻئي دفعي لکبو. ڪالاداغ ڊيم ٺاھڻ جي ٻي ڪوشش نواز شريف 1998ع جي ايٽمي ڌماڪي بعد ۽ ٽيون دفعو جنرل مشرف 2003ع ۾ ڪئي پر سمجهھ، اسٽريٽ ۽ پارليامينٽ جي ھم آھنگي سبب چاليهھ سال گذرڻ باوجود ڪالاداغ جي ڪاري داغ کان سنڌ نه فقط بچيل آھي پر مذھب زبان پارٽي ۽ طبقاتي فرقن کان قطعه نظر جي ڪنھن معاملي تي متفق آھي ته اھو ڪالاداغ ڊيم ۽ پاڻي جو مسئلو آھي. (پنجين سنڌ لٽريچر فيسٽيول ڪراچي ۾ 19 مارچ 2022ع تي پيش ڪيو ويو) .