ڪارونجهر، وزير ۽ اربين رپيا …. اشفاق آذر

0
93

  سرڪاري وزيرن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾  چئي ڇڏيو ته ڪارونجهر جي خوبصورتي کي متاثر ڪرڻ بنا گرينائيٽ ته ڪڍڻو ئي ڪڍڻو آهي، اربين رپيا نٿا ڇڏي سگهون، هاڻ سرڪار کي مبارڪون ڏيندڙ ٻڌائين ته ڇا ڪرڻو آهي؟

                         جيڪا فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪئي وئي هئي، تنهن موجب 26 ارب ٽن جا گرينائيٽ ذخيرا ننگرپارڪر ۾ موجود آهن، جن مان 10 ارب ٽن ذخيرن جي ميپنگ ڪئي وئي، اهي ڪڍڻ لاءِ ئي ٽينڊر ڏنو ويو هو، جيڪو وقتي طور واپس ورتو ويو، پر سرڪار ان منصوبي کي ختم ناهي ڪيو.

                         وزير صاحبن اهو ڪونه ٻڌايو نه ئي ڪنهن رپورٽر کانئن پڇا ڪئي ته ڪارونجهر جي “خوبصورتي“ ڪهڙي آهي ۽ ان کي متاثر ڪرڻ بنا ڪهڙي ٽيڪنالاجي وسيلي گرينائيٽ ڪڍيو ويندو؟؟ (فيس بوڪ وال تان ورتل)