کپرو (ن پ ا) کپرو ٿاڻي جي حد ديهه پنيري جي ڳوٺ پيربخش لسڪاڻي واسڻ  شھزادي زال محمد خان شر  جو لاش   ڳوٺ کان 2 ڪلوميٽر پري رستي ڀرسان وونئڻن جي فصل مان هٿ آيو، مقتولا شھزادي جي ڀاءُ نياز شر ٻڌايو ته شھزادي  3 کان 4 ڏينهن کان گم هئڻ بابت هن جي  مڙس اطلاع ڪيو هو  جنهن جي ڳولا ڪئي پر هو نه ملي سگهي، اسان کي ڌنارن ۽ هارين اطلاع ڪيو ته نامعلوم عورت جو لاش  2 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي  جاويد لسڪاڻي جي زمين ۾ وونئڻن ۾ پيو آھي اهڙي اطلاع  تي اسان لاش واري هنڌ پهتاسين ته اهو لاش منهنجي ڀيڻ جو هو، جنهن بعد اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش اسپتال کڻائي  آئي. هن ٻڌايو ته شھزادي جو مڙس هن تي تشدد ڪندو هو منهنجي ڀيڻ شھزادي ٿاڻي تي به اهڙي دانهن کڻي آئي هئي پر پوليس روائتي سستي ڪندي هن جي مڙس ۽ هن جي وچ ۾ ٺاهه ڪرايو جنهن بعد مڙس جي گهر ۾ رهندي هئي  4 ڏينهن اڳ اسان کي هنن جي مڙس وارن  ٻڌايو ته شھزادي گهران گم ٿي وئي آھي اسان اهڙي اطلاع بعد هن جي ڳولا ڪئي هئي پر هوءَ نه ملي. هن چيو ته منهنجي ڀيڻ گم نه ٿي هئي هن جي مڙس ۽ ان جي ڀائرن گهر ۾ کيس ماري ان جو لاش رات دير سان وونئڻن ۾ اڇلايو آھي. ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو آھي ٻئي طرف پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي.