ڏيئي(ن پ ا) ڏيئي ڀرسان ڳوٺ سائين بخش لغاري جي رهواسين پاران ڳوٺ جي ٻن نوجوانن کان ڦر ڪري زخمي ڪندڙ  جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن محمد بخش لغاري، رشيد احمد لغاري، حمزو خان لغاري ۽ ٻين گذريل چار ڏينهن اڳ راهما برداري جي بااثر  يوسي چيئرمين جي بڇ تي سندس ڀاڻيجن ۽ سندس پٽ اعجاز علي راهمون اسان جي نوجوانن تي غلام شاھ موري کان گهر ايندي لٺين ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪيو، ڇوڪرن وٽ سرڪار پاران مليل گهر جي 75 هزار ۽ هڪ مينهن جي روڪ رقم 2 لک ۽ هڪ موٽرسائيڪل به ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڏيئي پوليس بااثرن جي ڌر بڻيل آھي ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري، هنن  آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.