ڪراچي: ڌرڻي ۾ سياسي اڳواڻن، ڪارڪنن کانسواءِ سنڌ جي اديبن ۽ سول سوسائٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻ عورتن توڙي مردن شرڪت ڪئي. شريڪ ٿيندڙن ۾ جامي چانڊيو، تاج جويو، عاصي زميني، ڊاڪٽر زبيده جوڻيجو، ڊاڪٽر رياض شيخ، نغمه شيخ، عائشه ڌاريجو، لالا رحمان سمون، احمد سولنگي، امداد چانڊيو، ظفر جوڻيجو، پروفيسر مجيد چانڊيو، پريل دايو، شهناز صديق راهو، شهناز راهو، نعيم ٽالپر، ڪراچي بار جي صدر نعيم قريشي، خليل انصاري، مولابخش ٿيٻو، الفت دادا، فرزانه ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سنڌي ادبي سنگت، وومين ايڪشن فورم، سيڪيولر فورم پاڪستان سميت ڪيترن ئي سماجي تنظيمن ۽ برادري تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.