ماتلي: پي ايس 70 تي جمعيت علماءِ اسلام جي اميدوار مولانا گل حسن زنئور ننڍي چونڊ جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽي تي ڌانڌليءَ جا الزام. جي يو آءِ اميدوار مولانا گل حسن زنئور ۽ تاج محمد ناهيون مدرسه قاسميه ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندن ڪارڪنن کي حراسان ڪيو ويو ۽ زبردستي ٺپا هنيا ويا. هنن چيو ته ڳوٺ دوست محمد پنهور ۾ وڏيرن هٿ سان ووٽ ڏياريا ۽ ڳوٺ مراد ڇلگري ۾ سندن ايجنٽن کي هيسايو ويو. هنن چيو ته انصاف نه ٿيو ته جلد حڪمت عملي جوڙي احتجاج ڪيو ويندو.