ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ شهر ۾ هفتو اڳ پراڻي تڪرار تان قتل ٿيل محبوب چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ ايوب خان چانڊيو تي چڙهائي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو، چڙهائي کان اڳ مرد گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس گهرن ۾ گهڙي قتل ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن ذوالفقار ۽ لياقت چانڊيو جي گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد ڪکاون گهرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون، جنهن سبب عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، ٻي طرف متاثر عورتن پرويز خاتون، انيتا خاتون ،نادرا خاتون ۽ ٻين قرآن پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته اسان جي مردن کي بيگناھ قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، جنهن قتل ڪيو اهو گرفتار ٿيل آهي، پوليس بنا جواز چڙهائي ڪري اسان جي ٻن گهرن کي باهيون ڏنيون آهن، جنهن سبب موٽر سائيڪل سميت گهرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ڊکڻ پوليس ٻڌايو ته مقتول محبوب چانڊيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي، جوابدار هٿ ناهن آيا آهن، گهر ساڙڻ وارو الزام ڪوڙو آهي.