واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ ) آمريڪا جو روس تي پابنديون لڳائڻ ۽ 10 سفير ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جوبائيڊن انتظاميه روس تي پابنديون عائد ڪندي 10 سفيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، خبر ايجنسي موجب روس تي پابنديون چونڊن ۾ مدخلت ۽ سائبر حملي کي نظر ۾ رکندي ڪيون ويون، غيرملڪي ميڊيا موجب صدارتي چونڊن ۾ مدخلت جي الزام ۾ 32 انفرادي شخصيتن تي پابندي لڳائي وئي آهي، ٻئي پاسي نيٽو اتحادي ملڪن آمريڪي پابندين جي اعلان تي روس جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.