ڇا گلگت بلتستان صوبو بڻجڻ سان مسئلا حل ٿي ويندا؟

0
158
سائنس جا استاد نه گھرجن!

 ھن وقت گلگت بلتستان کي عارضي صوبو ٺاھڻ لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر گلگت بلتستان ۾ بحث شروع ٿي چڪو آھي.جنھن ڪارڻ بلتستان جي قومپرست ڪارڪن، پارٽين ۽ سياست جي شاگردن ۾ شديد تشويش محسوس ڪئي پئي وڃي. گلگت بلتستان جي گذريل چونڊن وقت وزيراعظم عمران خان گلگت بلتستان کي عبوري صوبو بڻائڻ جو اعلان ڪيو ھو. انھي کان علاوہ پاڪستان جون ٻيون سياسي پارٽيون به گلگت بلتستان کي صوبي بڻائڻ جا اعلان ۽ واعدا ڪنديون رھيون آھن.

گلگت بلتستان جي ويجھي تاريخ تي نظر ڪجي ته نومبر 1839ع ۾ ڊوگرا ڪمانڊر زوراور سنگهه، جنهن جي وفاداري گلاب سنگهه سان هئي، بلتستان خلاف پنهنجي مهم شروع ڪئي. 1840ع ۾ هن اسڪردو کي فتح ڪيو ۽ ان جي حاڪم احمد شاهه کي گرفتار ڪري ورتو. تنھن کانپوءِ احمد شاهه کي زوراور سنگهه سان گڏ مغربي تبت تي حملي ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. ان دوران باغوان سنگهه کي اسڪردو ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. پر ايندڙ سال روندو جي علي خان، شگر جي حيدر خان ۽ خپلو مان دولت علي خان بلتستان ۾ ڊوگرن خلاف ڪامياب بغاوت ڪئي ۽ اسڪردو ۾ ڊوگرا ڪمانڊر باغوان سنگهه کي گرفتار ڪيو. 1842ع ۾ ڊوگرا ڪمانڊر وصير لکپت، ڪرتاڪشو مان علي شير خان (III) جي ڀرپور سهڪار سان ٻيو ڀيرو بلتستان کي فتح ڪيو. اتي خارفوچو جي قلعي تي قبضو ڪيو ويو. شگر مان حيدر خان، جيڪو ڊوگرن خلاف بغاوت جي اڳواڻن مان هڪ هو قيد ڪيو ويو ۽ قيد ۾ ئي مري ويو. گوسائون کي بلتستان جو ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو ۽ 1860ع تائين گلگت بلتستان جو سمورو علائقو سکن ۽ پوءِ ڊوگرن جي قبضي ۾ رھيو. پهرين اينگلو-سک جنگ ۾ سکن جي شڪست کانپوءِ هي علائقو ڄمون ۽ ڪشمير جي شاهي رياست جو حصو بڻجي ويو، جيڪو 1846ع کان وٺي ڊوگرن جي حڪومت هيٺ رهيو. گلگت جي آبادي پاڻ کي نسلي طور تي ڪشميرين کان مختلف سمجھندي هئي ۽ ڪشمير رياست جي حڪمراني کي ناپسند ڪندي هئي. نومبر 1947ع تائين اهو علائقو پرنسلي رياست سان گڏ رهيو، ڪجهه علائقا عارضي ليز طور انگريزن کي ڏنا ويا.

پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ، ڄمون ۽ ڪشمير شروع ۾ هڪ آزاد رياست رهي. بعد ۾ 22 آڪٽوبر 1947ع تي، قبائلي مليشيا سرحد پار ڪري ڄمون ۽ ڪشمير ۾ داخل ٿي ويا. هري سنگهه هندستان کي مدد لاءِ درخواست ڪئي ۽ الحاق جي معاهدي تي دستخط ڪري رياست کي هندستان جو حصو بڻائي ڇڏيو. گلگت جي آبادي رياست جي هندستان سان الحاق جي حق ۾ نه هئي. سرحدي علائقي (گلگت ۽ ڀر واري جبل وارين رياستن) جا مسلمان پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ چاهيندا هئا.  گلگت اسڪائوٽس جي مهاراجا جي ڪمانڊر، وليم برائون، انھن مسلمانن جي ناراضگي کي محسوس ڪندي، نومبر 1947ع ۾ بغاوت ڪئي، گورنر گھنسارا سنگهه جي حڪومت جو تختو انڌو ڪري ڇڏيو. تنھن کانپوءِ گلگت جي مقامي ماڻهن پاران هڪ عارضي حڪومت قائم ڪئي وئي جنهن جو راجا شاهه رئيس خان صدر ۽ مرزا حسن خان ڪمانڊر ان چيف هو. بھرحال، ميجر برائون اڳ ۾ ئي خان عبدالقيوم خان کي ٽيليگراف ڪري گلگت کي پاڪستان جي قبضي ۾ وٺڻ لاءِ چئي چڪو ھو. پاڪستان جو پوليٽيڪل ايجنٽ، خان محمد عالم خان، 16 نومبر تي آيو ۽ گلگت جو انتظام سنڀاليو.

پھرين جنوري 1948ع تي ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو. اپريل 1948ع ۾، ڪائونسل هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو جنهن ۾ پاڪستان کان ڄمون ۽ ڪشمير مان مڪمل نڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ هندستان کي پنهنجي فوجن کي گهٽ ۾ گهٽ سطح تي آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ عوام جي راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ ريفرنس منعقد ڪرڻ جو چيو ويو ھو. پر، انھي ٺھراءُ تي عمل نه ٿي سگھيو. جڏهن ته گلگت بلتستان جي رهواسين مهاراجا هري سنگهه کان آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، پر پاڪستان ان علائقي کي پاڻ ۾ ضم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته اهو علائقو ڄمون ۽ ڪشمير سان ڳنڍيل هو. پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ ٿوري عرصي لاءِ، گلگت بلتستان آزاد ڪشمير جي حڪومت جي زير اثر رھيو. 1949ع ۾ آزاد ڪشمير جي حڪومت ڪراچي معاهدي تحت گلگت بلتستان جو انتظام وفاق جي حوالي ڪيو.

گلگت بلتستان جي آئيني ۽ جاگرافيائي حيثيت تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 7 رڪني لارجر بينچ 17 جنوري 2019ع تي واضح فيصلو ڏنو ته هي خطو تڪراري رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو هڪ يونٽ آهي ان ڪري گلگت بلتستان کي پاڪستان ۾ مڪمل طور تي شامل نٿو ڪري سگھجي. ڪشمير مسئلو ريفرنڊم ذريعي حل ٿيڻ تائين بلتستان کي صوبو نٿو بڻائي سگهجي. سپريم ڪورٽ گلگت بلتستان بابت پاڪستان جي اصولي موقف کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت کي گلگت بلتستان ۾ انتظامي سڌارا آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. جنهن جي روشنيءَ ۾ عمران خان جي حڪومت گلگت بلتستان کي عبوري سيٽ اپ ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي، ان جو اندازو ڪجھه وقت پھرين گلگت بلتستان اسيمبلي مان پاس ڪيل عبوري صوبي جي قرارداد مان لڳائي سگهجي ٿو. دراصل گلگت بلتستان جي سيٽ اپ جي حوالي سان گلگت بلتستان ۾ مخلتف سوچ رکندڙ طبقا ملن ٿا.

پهريون طبقو هندستان جي ڄمون ۽ ڪشمير جي طرز جي گلگت بلتستان جي جوڙجڪ جو مطالبو ڪري ٿو. هنن ان سيٽ اپ کي “عبوري صوبي” جو نالو ڏنو آهي. هن طبقي جو خيال آهي ته پاڪستان کي گلگت بلتستان کي ڪشمير مسئلي کان ڌار ڪرڻ کان سواءِ هڪ عبوري صوبو بڻائڻ گهرجي. عبوري صوبي جي حق ۾ دليل ڏيندي هن طبقي سان لاڳاپيل ماڻھو چون ٿا ته پهريان عبوري صوبو ٺاهيو وڃي ۽ پوءِ وقت سان گڏ پاڻمرادو اھو مستقل صوبو بڻجي ويندو. ٻيو طبقو گلگت بلتستان جي تشخص کي برقرار رکندي اندروني خودمختياري جو مطالبو ڪري ٿو. يعني ھو اھڙو ئي نظام چاھين ٿا جھڙو ھن وقت پاڪستان جي زيرانتظام ڪشمير ۾ رائج آھي. ھنن جو موقف آھي ته گلگت بلتستان ۾ آزاد ڪشمير جي طرز جو سيٽ اپ قابل عمل آھي.

انھي لاءِ حڪومت کي نه قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪرڻ جي ضرورت آھي ۽ نه ئي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت آھي. شروع ۾ آزاد ڪشمير ايڪٽ گلگت بلتستان ۾ نافذ ڪري ۽ پوءِ بھتري لاءِ اصلاحات آڻڻ جي ضرورت آھي.جيڪڏھن گلگت بلتستان کي عبوري صوبو بڻايو وڃي ٿو ته انھي ۾ پاڪستان جي حڪومت لاءِ وڌيڪ مشڪلاتون ۽ گلگت بلتستان کي وڌيڪ نقصان آھي. گلگت بلتستان پاڪستان جو جاگرافيائي حصو نه رھندو پر ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري رياست جو حصو رھندو. گلگت بلتستان کي عبوري صوبي جو درجو ڏيڻ سان گلگت بلتستان جي عوام ٻئي درجي (step citizen) جي شھري طور ڪوٺيو ويندو. عبوري صوبي جي آڙ ۾ گلگت بلتستان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ، ٽيڪس لڳائڻ ۽ سبسڊي ختم ڪرڻ يا گھٽ ڪرڻ جو جواز ملي ويندو. گلگت بلتستان ۾ عوامي زمينن کي سرڪاري قرار ڏئي غضب ڪرڻ واري عمل کي قانوني تحفظ حاصل ٿيندو.  غيرمقامي آبادي گلگت بلتستان جي مقامي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي. خاص طور تي سي پيڪ منصوبي جي ڪري غير ملڪي ماڻھو وڏي انگ ۾ گلگت بلتستان جو رخ ڪندا، جنھن سان گلگت بلتستان جي ڊيموگرافي تبديل ٿي ويندي.

حڪومت دعوا ڪري ٿي ته گلگت بلتستان صوبو بڻجڻ سان اتي جي عوام کي سھولتون ملنديون ۽ انھن کي پنھنجا مڪمل حق ملي ويندا. جڏھن ته ٻئي طرف ننڍن آئيني صوبن جي موجودہ صورتحال، احساس محرومي، پسماندگي، انساني حقن جي لتاڙ، ننڍن صوبن جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ زمينن تي قبضي کي ڏسندي اھو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا واقعي گلگت بلتستان صوبو بڻجڻ سان اتي جي عوام جا مسئلا حل ٿي ويندا؟ گلگت بلتستان کي بطور صوبو پنھنجا جائز حق ملندا؟