ڇاڇرو(ن پ ا)ٿر جي فطري حسن مور پکين ۾ بيماري پکڙجي وئي،ڳوٺ آدم رند ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻن ڏينهين ۾ 15 کان مٿي مور مري ويا. تفصيل موجب ڳوٺ آدم رند، ڳوٺ ٻسارڻيو ۽ ڳورارو رند ڀرسان ٿر جي سونهن مور پکين ۾ پراسرار بيماري پکڙجي وئي آهي، ڳوٺاڻن همير رند،شوڪت علي،مير محمد ۽ ٻين چيو ته سخت گرمي ۾ بيمار مور آکين جي نور کان محروم ٿي تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا،وائلڊ لائف کاتو ٿرپارڪر پوري معاملي تي ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي،هنن چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٿر جي فطري حسن کي بچايو وڃي