ڇاڇرو لڳ ڪارنهن الزام ۾ نوجوان جي مڇون، ڀرون ۽ وار ڪوڙي ڪاراڻ ملي تذليل: وڊيو وائرل

0
23
ڇاڇرو لڳ ڪارنهن الزام ۾ نوجوان جي مڇون، ڀرون ۽ وار ڪوڙي ڪاراڻ ملي تذليل: وڊيو وائرل
ڇاڇرو لڳ ڪارنهن الزام ۾ نوجوان جي مڇون، ڀرون ۽ وار ڪوڙي ڪاراڻ ملي تذليل: وڊيو وائرل

ڇاڇرو(ن پ ا)ڏاهلي ويجهو نوجوان جي مبينا ڪارنهن الزام ۾ تذليل، مڇون، مٿي جا وار، ڀرون ڪوڙي منهن تي ڪاراڻ ملي وڊيو ٺاهي وائرل ڪري ڇڏي

ڏاهلي تعلقي جي پوليس ٿاڻي کينسر جي ڳوٺ نيٻلو جي رهواسي نوجوان حمير پٽ يعقوب سميجو جي مبينا ڪارنهن جي الزام ۾ تذليل ڪرڻ جي  ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل،وڊيو ۾ نظر ايندڙ جوابدار نوجوان جي منهن تي ڪاراڻ ملي مڇون ۽ مٿي جا وار،ڀرون ڪوڙي رهيا آهن

جڏهن ته ڇاڇرو ۽ کيمي جو پار جي پوليس موجب هي ڏوھ عمرڪوٽ ضلعي جي حد جي ڳوٺ ٻوڙاھ واھ ۾ ٿيو آهي،وڊيو ۾ مبينا طور سومرا برادري جا ماڻهو نوجوان کي ڪارنهن جي الزام ۾  پڪڙي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائي رهيا آهن

تذليل جي ويڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ايس ايس پي ٿرپارڪر مامري جو نوٽيس ورتو،پوليس کي جاچ جو حڪم ڏنو

کيمي جو پار ٿاڻي جي پوليس موجب عمرڪوٽ ضلعي جي پوليس ٿاڻي کوکراپار جي حد جي ڳوٺ ٻوڙاه واھ ۾ ڏوھ ٿيو آهي،جڏهن ته ايس ايس پي عمرڪوٽ جو چوڻ هو ته اسان تائين نوجوان جي تذليل واري ويڊيو پهتي آهي، وڌيڪ پوري معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون،جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪوبه جوبدار گرفتار ٿي نه سگهيو