اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چين کان ڪورونا ويڪسين کڻي ٻه خصوصي جهاز پاڪستان پهچي ويا آهن، پي آءِ اي جي ذميوارن مطابق چين کان ڪورونا ويڪسين کڻي ٻه خصوصي جهاز اسلام آباد پهتا آهن، پي ڪي 6852 خصوصي جهاز ذريعي 3 لک کان ڪورونا ويڪسين اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتيون آهن، جڏهن ته هڪ ٻيو جهاز پي ڪي 6853 ذريعي به 3 لک کان وڌيڪ ڪورونا ويڪسين کڻي اسلام آباد پهتو، ذريعن مطابق ڪورونا ويڪسين چين کان آڻڻ لاءِ ٽين پرواز به اڄ رات دير تائين چين کان اسلام آباد پهچي ويندي.