خيرپور (رپورٽر) چونڊڪو ڀرسان ڳوٺ عالم آباد جي رهواسڻ ڀيل برادري جي نوجوان ناري سنجو ڌيءَ گلاب ڀيل جامعه اسلاميه حماديه مدرسي خيرپور ۾ اسلام قبول ڪري ورتو، جتي سندس نالو رضيه رکيو ويو. جنهن بعد هن پنهنجي وڪيل حبدار علي رڏ معرفت ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ چوئنرو جي رهواسي نوجوان شهباز علي ولد پيرل خان ٿيٻو سان عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو. بعد ۾ اسلام قبول ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ ناي پنهنجي مڙس شهباز علي ٿيٻو سان گڏ صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته هن پنهنجي مرضي سان اسلام قبول ڪري شريعت محمدي مطابق شهباز علي سان نڪاح ڪيو آهي پر منهنجا مائٽ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزامن هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا جنهن ڪري اسان جون زندگيون خطري ۾ آهن. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري اسان جون حياتيون بچايون وڃن.