ڪوئيٽا: بلوچستان حڪومت ۾ اختلاف شديد ٿي ويا آهن ۽ وڏي وزير ڄام ڪمال مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سردار محمد صالح ڀوتاڻي کان قلمدان واپس وٺي ڇڏيو آهي. صالح ڀوتاڻي کان قلمدان واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي هاڻ مڪاني ادارن وارو کاتو وڏي وزير وٽ هوندو. ڄام ڪمال ۽ صالح ڀوتاڻي جا لاڳاپا ڪيتري ئي عرصي کان سرد مهري جو شڪار هئا. سردار محمد صالح ڀوتاڻي جو ان باري ۾ چوڻ آهي ته ڄام ڪمال کاتو واپس وٺڻ کان اڳ نه صلاح ڪئي ۽ نه ئي اعتماد ۾ ورتو. قلمدان واپس وٺڻ کانپوءِ واري صورتحال جي حوالي سان پارٽي جي سينئر ساٿين سان رابطي ۾ آهيان، صلاح مشوري بعد آئنده جو لائحه عمل جو فيصلو ۽ اعلان ڪندس.