نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ڄام صاحب جي رھواسڻ  نوجوان ناري شميم ناز ڌيءَ  ڪريم بخش خاصخيلي گھران نڪري ڄام صاحب ٿاڻي تي پهتي، ناري ٻڌايو ته سندس والد والد ڪريم بخش ۽ ٻين ٽن ڏينهن تائين ڪمري بند ڪري مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو، ناري چيو ته پنهنجي مرضي سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي، جڏهن ته والدين زبردستي وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، پوليس موجب ناري کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.