ڀرياسٽي ويجهو درويش صفت نينگري سان 2 ڄڻن جي مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار

0
54
ڀرياسٽي ويجهو درويش صفت نينگري سان 2 ڄڻن جي مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار
ڀرياسٽي ويجهو درويش صفت نينگري سان 2 ڄڻن جي مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار

ڀريا سٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ويجهو 13 ورهين  جي  درويش صفت  نينگري سان ٻن   جوابدارن جي مبينا زيادتي، واقعي جو ڪيس ٻن جوابدرن خلاف  داخل، گرفتار

خبر موجب ڳوٺ رب رکيو سولنگي ۾ 13 ورھين جي درويش صفت نينگري زڪيا ڌيءُ محمد عثمان سولنگي کي ٻن جوابدارن مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو، پوليس ٻڌايو ته  متاثر نينگري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ڀريا اسپتال موڪليو ويو آھي، نينگري جي ڀاءُ سعيد احمد سولنگي ڳوٺاڻن سان گڏ ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي

درويش صفت ڀيڻ ڳوٺ مان کير وٺڻ وئي ته جوابدارن زبردستي ۾ کيس يرغمال بڻائي ڳوٺ ٻاهران هڪ اوطاق ۾ ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ۽ کيس گهر ٻاهران اڇلائي فرار ٿي ويا

هوڏانهن نينگري جي ڀاءُ محمد وسيم سولنگي جي فرياد تي ٻن  جوابدارن ضامن ۽ صوبدار تيوڻو خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، پوليس ڪارروائي ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي