ڪراچي (م ڊ) ڪورونا جي پهرين لهر ۾ بهتر حڪمت عملي تي تعريفون ٻڌندڙ پاڪ، ڀارت جي وزيراعظمن کي نئين لهر دوران تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، ماهرين جو چوڻ آهي ته ڀارت فيبروري ۾ ڪورونا کي روڪڻ جو موقعو وڃايو، مودي ڪورونا کي شڪست ڏيڻ جون توتليون وڄائڻ ۾ مصروف رهيو، سياسي جلسا ۽ ڪمڀ ميلا زور شور سان منعقد ڪيا ويا، نتيجو اڄ تباهڪارين جي صورت ۾ دنيا سامهون آيو، پاڪستان ۾ به نومبر، ڊسمبر ۾ ڪورونا جي ٻي لهر دوران ڳالهيون وڌيڪ، عمل گهٽ ٿيو، تيزي سان وڌندڙ ڪورونا جي برطانوي قسم باوجود لاڪ ڊائون وزيراعظم عمران خان جي آپشن کان ٻاهر رهيو، ماهرين خبردار ڪيو آهي ته هاڻ به قدم نه کنيا ويا ته آڪسيجن جو بحران خوفناڪ صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو. ماهرين خبردار ڪندي چيو ته ڀارت جهڙي صورتحال پاڪستان ۾ به ٿيندي نظر اچي ٿي، ڀارت ۾ موجوده صورتحال ان ڪري به پيدا ٿي ته ڪورونا صورتحال وڌي رهي هئي ۽ ڀارت تي پيسو ٺاهن جو جنون هو، دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين جي پيدوار ۾ صف اول ڀارت پنهنجي ئي عوام کي نظرانداز ڪيو هو، جڏهن پاڻي سر کان مٿي ٿي ويو ته ويڪسين جي درآمد تي ڀارت پابندي لڳائي ڇڏي.