پيروسڻ (ن پ ا) پيروسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ليمون خاصخيلي ۾ ڀائرن جي گھر وڃڻ تان مڙس ۽ ڏير عورت مٿان وحشاڻو تشدد ڪري کيس بيھوشي حالت ۾ گھر ٻاھران اڇلائي ڇڏيو، عورت کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ٺري ميرواھ منتقل ڪيو ويو. محرم خاصخيلي، گل حسن، انصاف علي ۽ عاشق خاصخيلي پيروسڻ ٿاڻي آڏو احتجاج ڪندي چيو ته مصري خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ لياقت خاصخيلي اسانجي نياڻي تي تشدد ڪري کيس بيھوشي واري حالت ۾ گھر ٻاھران اڇلائي ويو، پوليس جوابدارَ بااثر ھجڻ ڪري بيوس بڻجي کين گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي.