حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڍورو نارو ۾ قتل ٿيل پ پ اڳواڻ شوڪت سمون جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. جوابدار امير الدين سمون ۽ محمد جمن پنهنجي وڪيلن ميان تاج محمد ڪيريو، کيت ڪمار کتري معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي. جسٽس ارشاد علي شاهه تي مشتمل سنگل بئنچ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران وڪيلن عدالت کي دليل ڏيندي ٻڌايو ته لاڳاپيل ٿاڻي جي پوليس پ پ اڳواڻ جي قتل ڪيس ۾ 9 ڄڻن کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ابتدائي طور ڄاڻايل ڪيس ۾ فريادي ڌر پاران رڳو چئن ماڻهن جا نالا نامزد ڪرايا ويا هئا. بعد ۾ 28 ڏينهن کانپوءِ جوابدار جمن ۽ اميرالدين سمون کي 52 ڏينهن بعد جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته فريادين مقامي ايم اين اي امير علي شاهه کي پڻ جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار امير الدين سمون ۽ محمد جمن جي ضمانت منظور ڪندي کين 2-2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. نومبر 2020ع ۾ پ پ اڳواڻ شوڪت سمون کي ڍورو نارو واري علائقي ۾ سندس اوطاق تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. سندس ڀاءُ مير محمد سمون واقعي جو ڪيس غلام نبي شاهه ٿاڻي تي داخل ڪرايو هو.