دوڙ (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي دوڙ جا ملازم مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف گذريل پنجن ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل، ملازمن محبوب خاصخيلي، غلام مرتظي سيال، گوپال ۽ مسمات حنا جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب دوڙ اڳيان قائم ڪيل بک هڙتال ڪيمپ تي احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي. اڳواڻن ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ملازم پنجن ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون. ڪيترن ئي مهينن جون رهيل پگهارون نه ملڻ سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ اسان روزن ۾ به احتجاج ڪري رهيا آهيو اسان جا ٻچڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن پر انتظاميا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ خاموش ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي هنن چيو ته اسان جا سمورا جائز مطالبا منظور ڪري انصاف ڪيو وڃي جيستائين اسان جا جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويندا اسان جو احتجاج جاري رهندو.