ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اين سي ايچ ڊي ۽ بيڪس پروجيڪٽ تحت ڀرتي ٿيل استادن ريگيولر نه ڪرڻ خلاف ڪالهه هتي پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو ـ مظاهرين سي ايم ھائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کين روڪي ورتو،  جنهن بعد مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ويون،  ڊي سي سائوٿ توڙي تعليم کاتي جي اختيارين کين خاطري ڪرائي ته کين ريگيولر ڪرڻ بابت سمري اڄ چيف سيڪريٽري  ڏانهن اماڻي ويندي،  ان موقعي تي استاد اڳواڻن خان محمد ملاح ۽ ٻين ڄيو ته اھي گذريل 20-25 سالن کان پڙھائي رھيا آھن تازو کين سنڌ تعليم کاتي ۾ ضم ڪيو ويو آھي، تعليم کاتي ٻٽو معيار رکي سندن سروس جي عمر 55 سال مقرر ڪري پگھار 25 ھزار فڪس ڪئي آهي. جيڪا زيادتي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته تعليم کاتي جي پرائمري استادن جيان کين ريگيولر ڪري سھولتون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ ٻيھر احتجاج ڪنداسين