نوشهره (م ڊ) پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ نئين پارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ان حوالي سان پرويز خٽڪ جي ملاقاتن جو پهريون مرحلو  اسلام آباد مڪمل ٿي ويو آهي. ٻيو مرحلو پشاور ۾ هلندڙ آهي، جتي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون پيون وڃن.  تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ سينيئر سياستدان ۽ ن ليگ ۾ رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ جا ن ليگ جي اعليٰ قيادت سان بيڪ ڊور رابطا جاري آهن، جڏهن ته ليگي قيادت کيس شموليت لاءِ گرين سگنل به ڏئي رهيو آهي. معاملا طئي ٿيڻ جي صورت ۾ تحريڪ انصاف جو اڳوڻو اڳواڻ پرويز خٽڪ وزيراعظم شهباز شريف جي موجودگي ۾ ن ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪندو. واضح رهي ته تحريڪ انصاف شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ڏيڻ تي پرويز خٽڪ جي بنيادي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي هئي.