پي سي بي طرفان ڊوميسٽڪ سيزن لاءِ ڪوچز جو اعلان

0
180
پي سي بي پاران

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) ڊوميسٽڪ سيزن 22-2021 لاءِ ڪوچز جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي موجب 266 ميچز لاءِ 6 ڪرڪيٽ ايسوسيئيشنز ۾ شامل 42 ٽيمن جي ڪوچز جو اعلان ڪيو ويو آهي، مقررين جو عمل پرفارمنس جو جائزو وٺڻ بعد مڪمل ڪيو ويندو.  ڪرڪيٽ/ڏسو صفحو 6 بقايا 03

بورد موجب عبدالرزاق کي پنجاب جو هيڊڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، اڪرم رضا ۽ همايون فرحت کي سيڪنڊ اليون مان ترقي ڏني وئي، جڏهن ته شهد انور کي سدرن پنجاب فرسٽ اليون جو ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.  پي سي بي موجب اعزاز چيمه اسسٽنٽ ڪوچ ۽ عرفان فاضل فيلڊنگ ڪوچ هوندو، عبدالرحمان کي خيبرپختونخواهه جون ذميواريون ڏنيون آهن، جڏهن ته رفعت الله مهمند ۽ محمد صديق ڪوچنگ اسٽاف ۾ شامل آهي. اعجاز احمد جونئير کي ناردرن فرسٽ اليون جو ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، سميع الله نيازي ۽ فهد اڪرم ناردرن ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف ۾ شامل آهي، اڳوڻي ڪرڪيٽر باسط علي کي سنڌ ۽ فيصل  اقبال کي بلوچستان فرسٽ اليون  لاءِ هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.