پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ ۾ معصوم ٻالڪ موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، گهر ۾ ڪهرام، خبر موجب شهر جي سالار پاڙي ۾ موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٽن ورهين جو محمد حذيفه لانگاهه فوت ٿي ويو، ٻالڪ جي فوت ٿيڻ واري واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، وارثن ٻڌايو ته ٻالڪ کي بجلي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳو، جنهن کي پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن کيس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.\