ٽنڊوالهيار: نوجوان بابر خانزاده جي ڀينرون ۽ ڀائر هن جي لاش تي هنجون هاري ماتم ڪندا رهيا ۽ ٽنڊوالهيار پوليس کي جهوليون کڻين بددعائون ڏيندا رهيا. هنن ٻڌايو ته اسانجا ماءُ پي اڳ فوت ٿي چڪا آهن اسانجو ڀاءُ رنگ جي مزدوري ڪري اسانجو پيٽ گذر ڪندو هو، اسانجو واحد ذريعو پوليس کسي ورتو آهي پوليس اسانجي ڀاء مٿان مين پڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري 10 هزار رپيا اسان کان رشوت جا گهريا هئا نه ڏيڻ تي هنن تشدد ڪري هن کي ماري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ پي ٽي آءِ جيي ضلعي صدر علي پلھه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بابر خانزادي جي قتل کي پوليس خودڪشي جو رنگ ڏئي رهي آهي هن واقعي جو ڪيس ايس ايچ او سميت لاڪ اپ تي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايس پي رخسار کهاوڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رهيو آهيان، ڪانسٽيبل عرفان ڏاهري 10 هزار رپيا بابر خانزادي جي گهران وٺڻ ويو هو، جنهن کي گرفتار ڪري سي آءِ اي جي حوالي ڪيو آهي، ڊيوٽي تي موجود سنتري کان به پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي تمام جلد سموري مامري کي وائيکو ڪندس.