پوليس فلمي هيروازم مان نڪري قانون تي عمل ڪري

0
156
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

اسان وٽ فيشن ٿي ويو آهي ته پوليس پنهنجو فرض ادا ڪرڻ بدران روايتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا وسيلي پنهنجي سکڻي نمائش ڪرڻ ۾ پوري هوندي آهي. قانون تي عمل بدران فلمن وانگر ڊائيلاگ هڻي قانون کي پنهنجي هٿ ۾ کڻندي آهي.عدالتن ۾ ڪيس موڪلڻ بدران پاڻ جج بڻجي فيصلا ڪندي آهي ته ڪير جوابدار آهي ۽ ڪير ڏوهاري.؟ اهڙي روش گهڻو ڪري اهڙن پوليس آفيسرن ۾ ڏٺي وئي آهي جيڪي نمائش جا شوقين آهن ۽ کين نه قانون جي پرواهه آهي نه ئي عدالتن جو ڊپ. ڇاڪاڻ ته پوليس جي وردي ملڻ ڪري هو پاڻ کي ئي قانون سمجهن ٿا ته عدالت به پاڻ بڻجي وڃن ٿا. ماضي ۾ ڪيترا ئي اهڙا مثال موجود آهن جڏهن ڪجهه پوليس آفيسرن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي به ڌاڙيل ۽ ڏوهاري بڻائي پيش ڪيو ۽ انهن کي ڪوڙن مقابلن ۾ زخمي ڪرڻ ۽ مارڻ تائين جا ڊراما ڪيا ۽ پوءِ انهن لاءِ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جهڙا اصطلاح استعمال ڪيا. اها روش يا عادت اڃا پوليس مان نه وئي آهي ۽ هو پاڻ کي هاڻي باقاعده فلمي هيروز وانگر پيش ڪن ٿا پر ان وقت اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته فلم ۽ حقيقي زندگي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.

اسان جي سنڌ ۾ امان امان جي صورتحال ڪڏهن به ڪا بهتر يا آئيڊيل نه رهي آهي، سدائين چوري چڪاري کان وٺي ڏوهه ڦر ڌاڙا ۽ اغوا جون وارداتون ٿينديون رهيون آهن ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌيڪ پر اهي مڪمل طور تي ختم نه ٿيا آهن. پر سنڌ جا ڪجهه ضلعا وري اهڙا آهن جيڪي ڄڻ ته ڏوهن يا ڏوهارين جا ڳڙهه سمجهيا ويندا آهن.گهوٽڪي ضلعو به انهن ضلعن مان هڪ آهي جتي خاص ڪري اغوا واري انڊسٽري ڪڏهن بند ئي نه ٿي آهي ڇاڪاڻ ته ڪچي جو وڏو حصو ان ضلعي ۾ هجڻ ڪري ڏوهارين کي آرام سان پناهگاهه ملي وڃي ٿي پر اهي پناهگاهون پوليس جي مرضي کانسواءِ ڪڏهن به محفوظ نه ٿيون آهن، انهن پناهگاهن کي تحفظ پوليس ۽ اتان جا مقامي وڏيرا ڏين ٿا جن جو وري پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ هوندو آهي. اڄڪلهه اهو ضلعو وري پوليس ۽ ڏوهن جي خبرن جي حوالي سان ميڊيا جو مرڪز بڻيل آهي.ضلعي جي نئين آيل پوليس انتظاميا وري اهي ساڳيا حربا استعمال ڪيا آهن جيڪي نمائش جا شوقين پوليس آفيسر ڪندا آهن، قانون تي عمل ڪرڻ بدران اهي پاڻ کي عدالت ۽ قانون سمجهي فيصلا ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ڪيترائي بيگناهه ماڻهو پوليس جي ظلم جو شڪار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته اصل ڏوهاري،يرغمال بڻايل ماڻهن جون وڊيوز جاري ڪري پوليس کي للڪاري رهيا آهن پر پوليس انهن تائين پهچڻ کان ڊڄي رهي آهي. جيئن چوڻي آهي ته “ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙهي ڪانه ۽ هيڻي تان لهي ڪانه” ، سو گهوٽڪي پوليس به عام ماڻهن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ ڏوهاري وري پوليس کي للڪاري رهيا آهن.زناني آوزا تي هرکائي ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جون سوين وارداتون ٿي چڪيون آهن ۽ انهن جا اڪثر پيرا گهوٽڪي ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ واري ڪچي تائين پهچن ٿا پر پوليس نه رڳو انهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي آهي پر انهن جي ماسٽر مائينڊ جي سڃاڻپ به ظاهر نه ڪري سگهي آهي جنهن ڪري اهڙا واقعا تسلسل سان ٿي رهيا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته پوليس جو اهو ڪم ناهي ته اها پاڻ عدالت بڻجي ڪنهن کي ڏوهي قرار ڏئي ٿڏي تي فيصلو ڪري ڪنهن کي هاف فراءِ ته ڪنهن کي فل فراءِ ڪري ڇڏي،نه ئي اهڙين ڪاررواين سان ڏوهه گهٽائي سگهجن ٿا،تنهن ڪري حقيقي زندگي ۾ فلمي فارمولا استعمال ڪرڻ بند ڪري پوليس  هيرو ازم مان ٻاهر نڪري قانون تي پاڻ عمل ڪري ته ٻين لاءِ قانون جو استعمال آسان ٿي پوندو ۽ ڏوهه گهٽجي ويندا.جيڪڏهن قانون جي محافظ پوليس پاڻ قانون لتاڙيندي ته ٻين کي ڪيئن قانون تي عمل ڪرڻ جو پابند بڻائي سگهندي.