سکر (بيوو رپورٽ) وطن دوست جمھوري پارٽيءَ جي اڳواڻ گلشير شر منظم پورهيت ھلچل کي وقت جي اھم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته سمورين ترقي پسند ڌرين کي ڪجهه نقطن تي ئي سهي، گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. اھڙو اظھار هن سکر پريس ڪلب ۾ وطن دوست جمھوري پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، عوامي جمھوري پارٽي ۽ جاڳرتا فورم جي گڏيل سهڪار سان ڪوٺايل پورھيت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته پورھيتن جي تنظيم ڪاري نه ھجڻ ڪري سندن مسئلا حل نه پيا ٿين. جاگيردار، صنعتڪار ۽ وڏيرا پنھنجن مقصدن ۾ ڪامياب ٿي رھيا آھن. هن جو چوڻ هو ته ڪجهه نقطن تي ئي سهي، گڏيل جدوجهد سان گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگھجي ٿو. ڪانفرنس کي احسن جعفري، ضياءَ ڀٽي نبن ساکاڻي، وڪيل سندر چاچڙ، حڪيم زنگيجو، ڊاڪٽر غلام رسول گھمرو، حبيب منگي، علي مردان شيخ ،محمد بخش قريشي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي گڏيل ٺهراءَ پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته آءِ ايم ايف جي هدايتن تحت ريلوي، پي آءِ اي، اسٽيل مِل، واپڊا سميت مختلف سرڪاري ادارن کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ جون ڪوششون بند ڪيون وڃن.