حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڪڙيو گهنور واسي پورهيت اعجاز خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪڙيو گهنور ٿاڻي جي وائرليس آپريٽر غلام قادر خاصخيلي جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ڪيس ۾ نامزد اهلڪار ايڊووڪيٽ رضيه زمان پاٽولي معرفت عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي. جسٽس خادم حسين تنيو تي مشتمل سنگل بئنچ ڌرين جا دليل ٻڌا. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته جنهن وقت پورهيت جو واقعو پيش آيو، ان ڏينهن اهلڪار ڊيوٽي تي نه آيو هو جڏهن ته مقتول جي زال ساران خاصخيلي ڪيس ۾ ڄاڻايو هو ته سندس پلاٽ معاملي تان اياز، اسماعيل ۽ عزيز وارن سان تڪرار هو جن سندس مڙس کي تشدد ڪرڻ بعد وائرليس آپريٽر جي مدد سان ٿاڻي منتقل ڪري تشدد جو نشانو بڻايو جنهن دوران هو فوت ٿي ويو. وڪيل موجب منظر عام تي آيل واقعي جي سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ به اهلڪار ڪٿي نظر نه ٿو اچي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اهلڪار کي 4 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ضمانت منظور ڪئي ۽ کيس 25 آڪٽوبر تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.