مڪو شريف(م ڊ) ڪعبت الله شريف ۾ لڳل پٿر حجر اسود جون پهريون ڀيرو اهڙيون تصويرون منظر عام تي آنديون ويون هن جيڪي فوٽوگرافي جي جديد ٽيڪنڪ سان ٺاهيون ويون آهن، انهن کي حجر اسود جون انتهائي باريڪي سان ٺاهيل تصويرون مڃيو پيو وڃي. مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي جي نگران اداري رئاست شئوون الحرمين موجب اهي فوٽو فوڪس اسٽيڪ پينوراما وسيلي ڪڍيا ويا آهن ۽ اهي فوٽو ڪڍڻ ۾ 7 ڪلاڪ ۽ ڪٺا ڪرڻ ۾ 50 ڪلاڪ لڳا. ان ٽيڪنڪ سان بهترين معيار جي تصوير ٺهندي آهي. هي تصوير 49 هزار ميگاپڪسل جي آهي. حجر اسود بيضي جهڙو ۽ ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جو خوبصورت امتزاج آهي، هي 30 سينٽي ميٽرن جو آهي ۽ ڪعبي جي ڏکڻ اوڀرندي ڪنڊ تي ڀت سان رکيل آهي. چون ٿا ته حجر اسود ان وقت جنت مان لاٿو ويو جڏهن حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام ڪعبت الله جي تعمير ڪري رهيا هئا. حضور ڪريم جن جي دور ۾ نبوت ملڻ کان اڳ هي پٿر هڪ ڀيرو وري پاڻ سڳورن پنهنجي مبارڪ هٿن سان لڳايو ۽ ان بعد ان ئي هنڌ تي رکيل آهي.