ورجينيا (انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا جي پهرين صدر جارج واشنگٽن جي گهر مان چيري ۽ بيريز جون بوتلون انتهائي محفوظ حالت ۾ مليون آهن، ماهرن کي اهي هڪ آثار قديمه جي منصوبي لاءِ کوٽائي دوران هٿ آيون، مائونٽ ورنن جي آثار قديمه جي ماهر جيسن بوروز موجب، 250 سال اڳ مڪمل طور محفوظ ڪيل خوراڪ جو ڪو مثال نه ٿو ملي، 250 سالن بعد تازو ميون جي هٿ اچڻ زبرست آهي، مليل ڪجهه بوتلن ۾ گلن جا ٻوٽن جا ٽڪڙا آهن جن جي سڃاڻپ چيري جي طور ٿي، کڏن مان هٿ ڪيل ٻين بوتلن ۾ گوس بيري يا ڪرنٽ به موجود هو پر ان جي تصديق لاءِ ٽيسٽن جاري آهي، مائونٽ ورنن آمريڪي زراعت کاتي سان گڏ هٿ آيل ميون جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي، بوتلن مان مليل 50 کان وڌيڪ چيري جي ٻجن جو جائزو ورتو پيو وڃي.