پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي تعلقي اسپتال ۾ لاوارث حالت پيل نوجوان جا وارث ھٿ نه اچڻ کانپوءِ اسپتال انتظاميا پاران سکر سول اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ ايڌي ڪراچي ڏانھن اماڻيو ويو آھي، نوجوان ڪيترن ئي ڏينهن کان تعلقي اسپتال ۾ پيل ھو ۽ وارث نه ملڻ ڪري اسپتال انتظاميا سندس سار سنڀال لهندي هئي، جڏھن ته نالو ۽ رھائش پڇا ڪرڻ تي نوجوان فقط وڪٽري جو نشان ڏيکاريندو رھيو آھي، جڏھن ته گذريل ڏينهن ڏينهن اسپتال انتظاميا موجب لاورث حالت ۾ ھٿ آيل نوجوان کي سول اسپتال سکر اماڻيو ويو آھي جنھن کانپوءِ ايڌي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي.