حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II!

(حصو ٻيون)

جنهن جو رڳو هڪ ئي سبب آهي ته اهي سڀ قيدي يا ته سنڌي هئا يابلوچ هئا ۽ جيل جو عملو سڄو مهاجرن ۽ پنجابين جو هو ۽ اتي جڏهن ڪراچيءَ مان قيدي ايندا آهن جيڪي مهاجر هوندا آهن ته انهن کي هر سهولت هتي ملندي آهي، انهن کي کوليون الڳ ۽ بهتر کاڌا ۽ هر شيءِ اسپيشل ملندي آهي، اها ته سڀ توهان کي خبر ئي هوندي ڇو جو توهان ئي هن دنيا جا واحد بادشاهه يعني ايس ايس پي آهيو! جيتوڻيڪ انهن ئي جهادي ۽ ٽارگيٽ ڪلر قيدين جي ڪراچي جيل ۾ ڪا به عزت ناهي هوندي ۽ جيلر احسان مهر انهن کي ٻڌي انهن جي تذليل ڪندو آهي. جيل سپرنٽينڊنٽ صاحب چانهه جي ڪوپ مان هڪ چُسڪي ڀريندي چيو ته هاڻ اچون ٿا اصل ڳالهه ڏي، ڳالهه اِها آهي ته هاڻ 15 کان 20 ڏينهن تائين تون بلڪل به ماٺ ڪري ويهندي، يعني ڄڻ ته آصف ڇلگري هن جيل ۾ موجود ئي ناهي، ڪا درخواست ڪنهن کي به، ڪو به نياپو مون کان سواءِ ڪنهن کي ڪونه ڪندين ۽ نه ئي ڪو جھيڙو جھٽو ڪندين ۽ بدلي ۾ آئون توکي آزاد ڪرائيندس! پر اها ڳالهه تو ٻڌي، مون ٻڌي يا منهنجي پي اي، ان کان سواءِ ڪنهن چوٿين ماڻهوءَ کي ڪا به خبر نه پوي. وري ڳالهه وڃي جيلر شڪيل جي نڪتي ته چيومانس ته جيلر منهنجي روبرو ڪرسيءَ تي ناهي ويهندو ۽ چوندو آهي ته آصف منهنجو ڀاءُ آهي پر پرپٺ منهنجا پير ڪڍندو آهي. چيائين ته هر ڳالهه کي ڇڏي ڏي، بس 20 ڏينهن وڃي آرام ڪر. چيومانس ته ۽ جيڪڏهن ڪنهن پٽيشن جو ڪو سڏ اچي وڃي ته پوءِ؟ ايس ايس پي صاحب چيو ته اهو تنهنجو مسئلو آهي، جيل ڏانهن ڪو به نوٽيس نه اچڻ گھرجي! شام جو دير تائين ٻاهر واڪ ڪيان ٿو، رات جو ڇاتيءَ جي ورزش ڪجي ٿي. (27 مارچ 2024)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

اڄ صبح پنهنجي پرين پياري ڀاءُ سورج چانڊيو لاءِ ورتل ٽوپي کوليءَ ۾ ڳولي رهيو هئس ته ان دوران مون کي حيدر کوسي پاران عبدالرشيد کوسو کي لکيل خط مليو هو، خط ۾ هن عبدالرشيد کي لکيو آهي ته: مٺا رشيد، حق موجود، ياعلي مدد! ادا ڪالهه مون کي ۽ سردار ايوب بروهيءَ کي اوهان پاران موڪليل مٺائي پهتي، هڪ نمبر بئرڪ مان جيڪو دوست نوابشاهه تاريخ تي آيو هو اُن مون کي مٺائي ڏيندي اها خوشخبري ڏني هئي ته عبدالرشيد جو ضامن منظور ٿي ويو آهي ۽ عيد تائين هو آزاد ٿي جيل مان ٻاهر هليو ويندو. ان لاءِ هُن نوابشاهه جيل مان اوهان ڀائرن لاءِ مٺائي موڪلي آهي. مٺا سائين اها خبر ٻڌي تمام گھڻي خوشي ٿي، مالڪ سڻائي ڪندو، هاڻ اوهان جلد آزاد ٿي ويندا، ٻيو ٻڌايو، ڪهڙا حال آهن، ڪامران جي به خبرچار ڏيو؟ هڪ ڀيرو ڪامران مون وٽ آيو هو، اوهان جو فرزند به گڏ هئس، مون لاءِ گھران ماني پچرائي کڻي آيا هئا، ان کي به تقريبن ٻه مهينا ٿيڻ وارا آهن، ان بعد منهنجو ڪامران سان وري رابطو ناهي ٿيو، اوهان خط ۾ منهنجي ڪيس بابت پڇيو آهي، اي ٽي سي وارا منهنجا سمورا ڪيس ختم ٿي ويا آهن، باقي هڪ ڪيس وڃي رهيو آهي، ماتلي وارو. انشاءُ الله اهو ڪيس به جلدي ختم ٿي ويندو. هتي مون سان گڏ ٻه دوست ويٺا آهن، هڪ دوست اوهان جي پاسي جو آهي، سجاد ملاح ۽ ٻيو دوست خيرپور ضلعي جو آهي بلاول شر، اُهي ٻئي دوست اوهان کي سلام پيا ڏين، باقي سردار ايوب بروهي، ڌڻي بخش کوسو، ڀائو شريف کوسو، ادا علي حسن لغاري ۽ ڀائو جاويد زرداري اوهان کي هر روز ياد ڪندا آهيون. چوندا آهن ته دليون گڏ ته جدائي ڪونهي هوندي، مالڪ ۾ اميد آهي ته اوهان جلد آزاد ٿي ويندئو. آزادي ملي ته يقين اٿم ته اوهان هڪ ڀيرو ديدار لازمي ڪرائي ويندا. ان لاءِ اوهان جي جلد آزاديءَ لاءِ دعائو آهيان، خير انديش تنهنجو حيدر کوسو. سرڪل ون، حيدرآباد جيل.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

عظيم تخليق جا

عجيب ڪارناما!

انسان سڀني تخليقن مان عظيم آهي، قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته انسان کي بيشمار مخلوقات تي اوليت ڏني وئي آهي. انسان دنيا کي تبديل ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو. اهو انساني دماغ ئي آهي جنهن پٿر جي دور کي هن انتهائي ٽيڪنالاجيءَ جي دنيا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪڏهن تصور به نه ھو پر، اسان ڇا ٿي ويا آهيون؟ راڪاس! منهنجو خيال آهي ته هي لفظ به ان لاءِ نرم آهي جنهن ۾ اسان بدلجي ويا آهيون. ڇا تاريخ مان اسان ڪجھ سکيو آھي؟ اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ اسان اڄ به ويھي فلسطين، شام، يمن، سوڊان ۽ روانڊا جهڙن هنڌن تي بيگناهه ماڻهن جو قتل عام وڏي صبر سان ڏسي رهيا آهيون، جنهن تي سڄي دنيا جي انساني حقن جا ٺيڪيدار ملڪ به تماشائي بڻيا پيا آهن. ساڳئي وقت ڏسو ته اسان جانورن سان رويو ڪيئن پيا رکون؟ گذريل سال ناظم جوکيو کي صرف پکين کي پيار ڪرڻ تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو، ڇا جانورن جي حقن جي دانهن ڪرڻ به ڏوهه آهي؟ تازو سانگهڙ ۾ هڪ جاگيردار اُٺ جي ڄنگھه ڪٽي ڇڏي، جنهن تي دل ٽٽي پئي. ڇا ان کي هن ظالماڻي عمل ۾ ڪو سڪون مليو هوندو؟ هڪ ٻيو دل ڏاريندڙ واقعو هڪ گڏھ جو جيڪو اينيمل شيلٽر ۾ پنهنجي مالڪ طرفان تشدد ڪرڻ بعد مري ويو. هي ظلم انسانن کان به ٻاهر آهي ۽ اهو اسان جي وسيع سماجي زوال جو عڪس آهي. اسان کي هميشه سيکاريو ويو آهي ته جانورن کان پري رهو، ڇو ته اهي اسان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا پر شايد جانورن سان گڏ رهڻ انسانن سان گڏ رهڻ کان وڌيڪ محفوظ آهي ۽ اھو جيڪو اسان کي پنھنجي ٻارن کي سيکارڻ گھرجي. پوءِ ڇا اسان تصور ڪري سگهون ٿا ته انهن جاگيردارن کي سندن ظالماڻن عملن جي سزا ملندي؟ جتي ھڪ غريب ماڻهو جيڪو روئي دانھڻ ۽ پنهنجي حقن لاءِ ڳالهائي سگهي ٿو، ان باوجود انصاف کان محروم آھي ته گونگن جانورن لاءِ انصاف جي ڪھڙي اميد رکجي؟

سٻاجهي/نوشھروفيروز

بڇيري شهر ۾ ھٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار!

اسان جي شهر بڇيري ۾ بجليءَ جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو 24 ڪلاڪن مان 20 ڪلاڪ بجلي گم ٿي ويندي آهي، انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي. ھن ظلم جي گرميءَ ۾ بجليءَ جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو تڙپي رهيا آهن، جيڪڏهن ھي انسان ھجن ھا ته شايد ڪنهن جو درد تڪليف محسوس ڪن ھا پر ھتي انسانيت نالي ڪا شيءِ ناهي رهي، رڳو اڄ ڪلهه پئسي جي پويان مئا پيا آھن، جڏهن بل ايندا آهن ته غريبن کي کائڻ لاءِ اٽو به نه ھوندو آھي پوءِ به ھو بجليءَ جو بل ادا ڪندا آهن، باقي پنهنجي من پسند ماڻهن کي بجلي فري ۾ فراھم ڪري انهن کان پئسا وٺي ڏاڍي ٺٺ ٺانگر سان ويھي رھندا آھن، ھنن کي ڪھڙي خبر ته ھڪ عام ماڻهو ڪيئن زندگي گذاري رهيو آهي؟ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي ڪري ڪاروباري ماڻهو به وڏين ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، اسان واپڊا جي اعليٰ قيادت کان مطالبو  ٿا ڪيون ته جلد کان جلد ھٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري غريب عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

بھادر علي برھماڻي/ نوابشاهه

وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي مسيحي شھيد جوان جي جنازي ۾ شرڪت!

ھڪ ڏينھن اڳ ڪرم ضلعي ۾ شهيد ٿيل پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دلير سپاهي هارون وليم جي جنازي نماز ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي شرڪت ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي. راولپنڊي ۾ سينٽ پال چرچ ۾ منعقد ڪيل جنازي ۾ وزيراعظم سان گڏ ٻين سول ۽ ملٽري جي سينئر آفيسرن جي موجودگي، قوم ڏانھن اتحاد ۽ يڪجهتي جو مضبوط پيغام موڪلي ٿي. اسان جي حڪمرانن طرفان يڪجهتيءَ جو هي عمل، خاص طور تي هڪ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ سپاهيءَ لاءِ هڪ اهڙي پاڪستان لاءِ عزم کي واضح ڪري ٿو جيڪو ڪنھن شھريءَ جي مذهبي پسمنظر کان سواءِ ان جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو. هن ڏکئي وقت ۾ جڏهن انتهاپسنديءَ جا واقعا معمول بڻجندا پيا وڃن ۽ پاڪستان کي ٻيھر مذھبي فرقيبازي ڏانھن تيزيءَ سان وٺيون پيا وڃن ته ان وقت هڪ قوم جي حيثيت سان گڏ بيهڻ جي اسان جي اجتماعي عزم جي تصديق ڪن ٿا. پاڪستان ۾ مذھبي رواداريءَ کي ختم ڪرڻ ۾ حڪمرانن جو پنھنجو به ھٿ آھي، ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته ماضي جي اھڙن عظيم خطائن کي undo ڪيو وڃي.

علي رضا/ ڪراچي

فلسفي جو تعارف ۽ ڄاڻ!‎

فلسفو ڇا آهي؟ ان جي معنيٰ ۽ وصف ڇا آهي؟ فلسفي لفظ کي پهرين ڪنهن استعمال ڪيو؟ فلسفي کي ناڪاري نظر سان ڇو ڏٺو ويندو آهي؟ فلسفو انسان ۾ ڪهڙي صلاحيت پيدا ڪري ٿو؟ فلسفي جي ٻولي عام فهم ڇو نه هوندي آهي؟ فلسفي ۽ سائنس ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ انهن سڀني سوالن تي هڪ ننڍڙو تبصرو توهان آڏو آڻجي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ادب جي شروعات تڏهن کان ٿي جڏهن کان انسان جي اوسر ٿي آهي، ٺيڪ اهڙي طرح فلسفي جي شروعات تڏهن کان ٿي جڏهن کان انسان سوچڻ شروع ڪيو آهي. انسان جيڪو پهريون سوال ڪيو اهو فلسفي جي دائري ۾ اچي ٿو. فلسفي کي سڀني علمن جي ماءُ ڪوٺيو وڃي ٿو. فلسفو يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو ميلاپ آهي. فليو ۽ سوفيا. فليو معنيٰ پيار ڪرڻ ۽ سوفيا معنيٰ ڏاهپ. ٻنهي کي جوڙي معنيٰ نڪرندي آهي ڏاهپ سان پيار ڪرڻ. لفظ فلسفي(philosopher)  پهريون ڀيرو “پئٿا غورث” استعمال ڪيو، جنهن جي ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته يونان ۾ 07 ڏاها هئا جن کي (Wiseman) جو لقب مليل هو، جنهن ۾ پهريون فلسفي “ٿاليس” هو. پئٿا غورث ٻڌايو ته جن ماڻهن کي ڏاهو چيو ويو آهي انهن جون چيل ڪيتريون ئي ڳالهيون غلط ثابت ٿيون آهن. جيڪڏهن آهي ڏاها هجن ها ته انهن جون چيل ڳالهيون غلط ثابت نه ٿين ها. پئٿا غورث پنهنجي پاڻ کي گهڻي علم جي ڄاڻ وارو نه سمجهي چئي ٿو ته مان عالم ۽ ڏاهو ناهيان. مان ته علم سان چاهت رکندڙ ۽ ڏاهپ سان پيار ڪندڙ آهيان. مطلب ته آءُ فلسفي آهيان. فلسفي جي وصف بابت چيو وڃي ٿو ته ڪائنات جي آفاقي قانون جي ڄاڻ ڳولا ۽ اڀياس کي فلسفو چيو و ڃي ٿو. اهي آفاقي قانون جهڪي هڪ ئي وقت انساني سماج ۽ انساني غور، فڪر تي لاڳو ٿين. فلسفي بابت عام طرح سان ناڪاري راءِ رهي آهي، ڇو جو سياست، سائنس، مذهب يا تاريخ هجي، تاريخ جي هر دور ۾ جن به ريتن رسمن، عقيدن، مروج طريقن خلاف ڳالهايو آهي ان هميشه دشمنيون پرايون آهن. اهي فلسفي جي دائري ۾ اچي ئي اٿن ٿا، تنهن ڪري فلسفي بابت ناڪاري راءِ ملندي آهي. ماڻهو زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ سچ ڳالهائڻ کي اوليت ڏئي ٿو، اها طاقت انسان کي فلسفو ڏئي ٿو. سچو فلسفي اهو هوندو آهي جيڪو بنا ردعمل جي پرواهه ڪري غلط عقيدن خلاف آواز بلند ڪري ۽ پنهنجي پاڻ جي ٺاھ ٺوھ، رتبو، پئسو ڪمائڻ ۽ ڪپڙا سٺا پائڻ جي پر واھ نه ڪري. فلسفي جي ٻولي عام فهم هجڻ بجاءِ منجهائيندڙ ۽ بور ڪندڙ هوندي آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته عام فهم ٻولي تاريخي طرح رياستي، مذهبي ۽ سماجي پابنديون رهيون آهن. جن جي ڪري ڪيترائي فلسفي پنهنجي زندگيءَ وڃائي ويٺا. تنهن ڪري فلسفي ۾ عام ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي استعمال ڪرڻ بجاءِ اهڙي ٻولي استعمال ڪئي وئي جيڪا عام فهم نه هجي. ان قسم جي ٻوليءَ جي شروعات ارسطوءَ کان ٿي، جهڙي ريت سائنس ڪنهن ٿيندڙ لقاءَ ۾ اهو جاچيندڙ آهي ته اهو عمل ڪيئن ٿئي ٿو، اهڙي طرح فلسفي ڪنهن عمل کي ڏسڻ بعد ڏسيندڙ آهي ته اهو عمل ڇو ٿيو؟ سائنس شيءِ کي جدا ڪري ان جو تجزيو ڪندي آهي، فلسفو شين کي گڏي ڏسندو آهي. ان ڪري سائنس کي ٽوڙيندڙ ۽ فلسفي کي ڳنڍيندڙ چيو وڃي ٿو. فلسفو هر شيءِ تي شڪ ۽ سوال ڪرڻ سيکاري ٿو، ڪا شيءِ آهي؟ ته ڇو آهي؟ ڪيئن آهي؟ ان شيءِ جو مقصد ڇا آهي؟ اهڙا سوال فلسفي جي دائري ۾ اچن ٿا.

پرياگوسوامي/ عمرڪوٽ

يوم ولايت علي عليه السلام

جي حوالي سان ٿيل پروگرام!‎

عيد غدير جي موقعي تي تنظيم محبان عباس عليه السلام جي طرفان پر امن ريلي ڪڍي وئي جيڪا باب زينبيه کان غازي عباس عليه السلام جي علم تي پهتي ۽ ان کان پوءِ مرڪزي ريلي شيعان حيدر ڪرار ڪوٽ بنگلو سان گڏ ٿي مسجد علي مرتضيٰ کان غدير چوڪ وٽ پڄاڻي ڪيائين، هن شاندار ريلي ۾ ڪوٽڏيجي ۽ ڪوٽ بنگلو جا مشهور قصيده خوان ۽ علامه مولا علي عليه السلام جي شان ۽ غدير جو واقعو بيان ڪيائون ۽ عيد غدير جي موقعي هن ريلي ۾ هر مومن کي تنظيم محبان عباس عليه السلام جي طرفان مولا علي عليه السلام جي نالي جو هڪ وڻ پوکڻ لاءِ ڏنو ويو ۽ ڪوٽڏيجي جي معزز شخصيتن غازي عباس عليه السلام جي علم تي پڻ ڪجھ وڻ پوکيا، هن شاندار ۽ پرامن ريلي ۾ نياز ۽ سبيل جو ڀرپور انتظام پڻ ڪيو ويو ۽ ڪاروان الحسيني جي طرفان ريلي ۾ شريڪ ٿيل مومنن جا ٽوڪن وڌا ويا جنهن ۾ هڪ خوش نصيب مومن جو زيارت امام حسين عليه السلام لاءِ ٽوڪن ڪڍيو ويو ۽ العباس اسڪائوٽ جا نوجوان هن پوري ريلي کي ڪور ڏنو ۽ مومنن جي خدمت ۾ پيش پيش رھيا.

مصور عباس سومرو/ ڪوٽڏيجي، خيرپور

نوڪرين تان پابندي

ھٽائي روزگار ڏيو!

سنڌ حڪومت سرڪاري نوڪرين ڏيڻ جي لاءِ بيروزگارن کان انٽرويو وٺي نوڪريون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ گريڊ هڪ کان گريڊ 4 جا انٽرويو تقريبا 3 سال اڳ ٿي چڪا آھن ۽ 5 گريڊ کان 15 گريڊ جي لکت ٽيسٽ ورتي وئي جنھن ۾ گريجوئيشن ۽ انٽر ڪيٽيگري جي ٽيسٽ مڪمل ٿي چڪي آھي ۽ ميٽرڪ جون ٽيسٽون ٿيڻون آھن، جيڪي آءِ بي اي سکر جي ذريئي ٿيڻيون آھن پر سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ٿيل هجڻ جي ڪري اسٽي آرڊر لڳڻ کان پوءِ ڀرتين جو عمل رڪجي چڪو آھي، جنھن  جي ڪري لکين بيروزگار نوجوان پريشان آھن، ان ڪري سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي کي پر زور اپيل ٿي ڪجي ته نوڪرين تان جلد اسٽي آرڊر ختم ڪري بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏئي انهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

محمد سليم سولنگي/ ڳوٺ باقر پلي

پاڪستان جي ڪرپٽ مافياز

جو تفصيلي جائزو!‎

پاڪستان جي ڪرپٽ مافياز تي ھڪ تفصيلي جائزو وٺجي ٿو، پاڪستان، ھڪ اهڙو ملڪ جنھن جي تاريخ قربانين ۽ جاکوڙن سان ڀري پئي آهي، بدقسمتيءَ سان ڪرپشن ۽ بدعنواني جي مسئلي سان نبردآزما آهي. هتي مختلف شعبن ۾ مافياز جي موجودگي نه رڳو ملڪي ترقيءَ کي متاثر ڪيو آهي پر عوام جي زندگين کي پڻ زهر بڻايو ويو آهي. اهي مافياز مختلف صورتن ۾ موجود آهن، ڪرپٽ مافياز جو عروج ۽ انھن جي تاريخ: پاڪستان ۾ ڪرپٽ مافياز جو وجود قيام پاڪستان کان پوءِ ئي پاڙَ پکڙيو هو. شروعات ۾ اهو مسئلو ايترو شديد نه هو پر وقت سان گڏوگڏ بدعنواني ۽ رشوت ستاني سرڪاري کاتن، حڪومتي نظام ۾ گھڻان پنجا کوڙيا. اهي مافياز پنھنجي طاقت ۽ اثر و رسوخ جي ذريعي قانوني نظام کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪن ٿا ۽ انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. سياسي مافيا: پاڪستان جي سياست ۾ ڪرپشن جو مسئلو سڀني کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو. سياستدانن جو پنھنجي طاقت ۽ اثر و رسوخ کي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ هڪ عام ڳالھ بڻجي چڪي آهي. چونڊن ۾ پئسي جو بيحد استعمال، عوامي فنڊز جو غلط استعمال ۽ حڪومتي عھدن جو ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ سياسي مافيا جون ڪجھ نمايان خاصيتون آهن. عدليه ۾ ڪرپٽ مافياز: عدليه جيڪا انصاف فراهم ڪرڻ وارو ادارو آهي، بدقسمتيءَ سان اها به ڪرپٽ مافياز جي اثر کان محفوظ نه رهي آهي. ڪجھه ججز ۽ وڪيل بدعنواني ۾ ملوث ملي ويندا آهن، جيڪي انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. عدليه ۾ شفافيت ۽ جوابدهي جي گهٽتائي هن مسئلي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿي. ڪرپٽ مافياز جا نقصان: ڪرپٽ مافياز ملڪي معيشت  (Economy)کي تباهه ڪن ٿا. عوام لاءِ ٺاهيل اسڪيمون ۽ منصوبن ۾ گھوٻيون، منافعي بخش منصوبن ۾ ٺڳي ۽ قدرتي وسيلن جي غير قانوني وڪري ۽ ورڇ ملڪ کي مالي طور تي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. تعليم، صحت ۽ بنيادي سھولتن جي فراهمي ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، جنھن جي ڪري ملڪ جي ترقي رڪيل آهي. حل جي طرف قدم: ڪرپٽ مافياز جي خلاف جنگ ھڪ ڊگھي ۽ صبر آزما عمل آهي، سڀ کان پھريان عوام کي پنھنجي حقن بابت آگاهي ڏيڻ ضروري آهي. شفافيت ۽ جوابدهي جي نظام کي مضبوط بڻائڻو پوندو. جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪندي سرڪاري کاتن جي نگراني کي وڌائڻو پوندو ته جيئن ڪرپٽ عنصرن کي چٿي سگھجي. نتيجو: پاڪستان ۾ ڪرپٽ مافياز جو خاتمو ھڪ ڏکيو پر ضروري ڪم آهي، ان لاءِ نه رڳو حڪومتي ارادي پر عوامي شعور ۽ گڏيل جاکوڙ جي به ضرورت آهي، جيستائين اسان سڀ گڏجي هن بدعنوانيءَ جي خلاف گڏ نه ٿينداسين تيستائين هن مسئلي جو حل ممڪن ناھي.

محمد جعفر صادق/ٺري ميرواهه

اشبيليه!

(حصو پهريون)

اندلس جي ٻين شهرن کي ڇڏي هتي صرف اشبيليه جي باري ۾ ايترو ٻڌائڻ ڪافي آهي ته هن شهر ۾ صرف ريشمي ڪپڙي اُڻڻ جا ڇهه هزار آڏاڻا هوندا هئا، شهر جي هر طرف زيتون جا باغ هوندا هئا، اهو ئي سبب آهي جو اتي زيتون جو تيل ڪڍڻ لاءِ هڪ لک گھاڻا هوندا هئا. اندلس جون مصنوعات: عام طور اندلس جا سڀ شهر آباد هئا ۽ هر شهر خاص طور ڪنهن نه ڪنهن هنر سبب ڏيهان ڏيهه مشهور هوندو هو، يورپ جا ماڻهو اسپين ۾ ٺهيل شين کي پسند ڪندا هئا. اسپين جون زرهون گھڻيون مشهور هيون. رُڪ تيار ڪيو ويندو هو، سڄي يورپ مان خريداريءَ جا آرڊر ايندا رهندا هئا، اتان جي مصنوعات جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته “زينو” پنهنجي ڪتاب “فرانس تي حملو” ۾ لکيو آهي ته: “جڏهن عربن اندلس مان ڏکڻ فرانس تي حملو ڪيو ۽ مسمح خولاني، عنمسه ڪلبي ۽ حرثقفي جي اڳواڻيءَ ۾ فرانس جي شهر رابونه، فرتشونه، افسنيون ۽ ليون فتح ڪيا ته ان حملي ۾ اهڙا هٿيار استعمال ڪيا ويا، جھڙا انگريزن وٽ به موجود نه هئا.” بغداد: بغداد شروع ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جتي هر سال جي آخر ۾ آسپاس جا واپاري اچي گڏ ٿيندا هئا، جڏهن عباسي خليفن جي مشهور خليفي منصور ان جي نئين سر اڏاوت ڪرڻ ۽ ان کي ڪشادو ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته هن وڏا وڏا انجنيئر ۽ اڏاوت جا ماهر ڪاريگر ڪٺا ڪيا هئا، پنهنجي هٿن سان ان جي اڏاوت جي پهرين سِر پاڻ رکي ۽ چيائين ته: “ترجمون: الله جي نالي سان شروع، سڀ تعريفون الله لاءِ آهن، زمين الله جي آهي، هُو پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي چاهي ان جو وارث بڻائي ۽ بهترين انجام پرهيزگارن لاءِ آهي.) ان کان پوءِ هن چيو ته الله جو نالو وٺي شروع ڪيم، اهو شهر اڏڻ تي 40 رپيا خرچ ٿيا، هڪ لک مزدورن ڪم ڪيو، ان جي چوڌاري ٽي ديوارون هيون، جيڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هيون، ان ۾ وڌ ۾ وڌ آبادي 20 لک رهي، ان جي اوڀارئين پاسي 06 هزار روڊ ۽ گھٽيون هيون ۽ اولانهين پاسي 04 هزار روڊ ۽ گھٽيون هيون، جن جو پاڻي بغداد جي سڀني گھرن ۽ پاڙن ۾ پهچندو هو، صرف دجله جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين اچڻ وڃڻ لاءِ 30 هزار ننڍيون ٻيڙيون هونديون هيون. شهر ۾ 60 هزار حمام هئا، عباسي دور جي آخري ڏينهن ۾ انهن جو انگ گھٽجي 10 هزارن کان ڪجھه مٿي رهجي ويو هو، 03 لک مسجدون هيون، ان جي آباديءَ جو صحيح اندازو، عالمن جي اڪثريت، اديبن ۽ فلسفين جو انگ الله کان سواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي. (جاري)

نواز علي شوق/ڪراچي