وزير واندو ناهي!

سنڌ ۾ جمھوريت جو جھنڊو جيترو بُلند آهي اوتري ئي ڪرپشن، پَٽ سَٽ، ڦُرمار کي اوليت ملي رهي آهي، هٿ کَس جي ڄَڻ روايت پئجي وئي آهي، زميني مافيائون عام ماڻھن لاءِ ڌرتي تنگ ڪرڻ ۾ وسان نه پيون گھٽائين، بدقسمتيءَ سان پُڇڻ وارو ڪير به نه آهي، عيد، خوشي، يا ڪي اهڙا ڏينھن جن ڏينھن ۾ پنھنجن ڳوٺن ۽ شھرن ڏانھن ويندڙن کان “رجسٽرڊ ڦورو” ڀاڙن جي ڏس ۾ ڦُرون ڪن پيا، سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ مافيا پبلڪ بس سرورس جي صورت ۾ باقائدي سان ڦُرمار تي لٿل آهي، تازو ئي عيد جي موقعي تي ٽرانسپورٽ مافيا هڪ ٻئي سان تاڙا ملائي ڀاڙن جي وصولي جي مد ۾ 10 کان 12 سيڪڙو واڌائي ڇڏيو، نه رڳو ايترو پر مافيا بس سروس وٺندڙن تي پريشر پڻ ڊيولپ ڪري پئي، جن کي سروس وٺڻي آهي ته وٺي نه ته بس کان ٻاهر! اهڙي قسم جون ڌمڪيون سروس وٺندڙ لاءِ انتھائي خوفناڪ ۽ دردناڪ هونديون آهي پر مجبوري پڻ هوندي آهي. ان صورتحال ۾ مسافر لي اهو فيصلو ڪرڻ جو حق کائنس نه هوندو آهي ته جيڪڏھن ڪنھن ٻي گاڏي جي سروس ورتي ته مافيا جو روب ساڳيو ئي هوندو! جيڪو ڀاڙو ڪراچي کان قمبر 1200 هو اهو هن موقعي تي 1500 کان 2000 ڪيو ويو، ڪراچي کان لاڙڪاڻو 1300 هو اهو 1500 کان 2000 ڪيو ويو، ڪراچي دادو 1000 هيو اهو 15 سئو ڪيو ويو، جڏهن ته واپسي وارن ڀاڙن ۾ وري 700 کان 800 رپيا وڌيڪ ورتا ويا، مختلف بس سروسز جا مالڪ مافيا جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن، کائن پڇا ڪرڻ وارو ڪير به نه آهي، جمھوري حڪومت جو ٽيون دفعو آندل “جيالو وڏو وزير” پارٽي جي سڌارن ۾ مصروف آهي ۽ ٽرانسپورٽ جو “وزير واندو نه آهي.” خدارا ضلعن ۾ روٽ ٽرانسپورٽ سيڪريٽرين جي ڊيوٽي آفيسن ۾ نه پر روڊن تي لڳايو، ٻيو نه ته گھٽ ۾ گھٽ اهڙن موقعن تي ته عام ماڻھن کي ٽرانسپورٽ مافيا کان ڦُرلُٽ کان بچايو وڃي.

درياءُ خان جھتيال/گلشن حديد

هڪ خط سنڌ ڪابينا جي چونڊيل سياسي نمائندن ڏانهن

اسلام عليڪم، محترم جناب سنڌ ڪابينا جا چونڊيل سياسي ميمبرز صاحبان. سائين اسان يوسي مرادپور تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي ڳوٺن، ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه، ڳوٺ محمد اسحاق ملاح، ڳوٺ محمد صديق اوٺار ۽ ڳوٺ محمد ملاح جا رهواسي آهيون. سائين جن کي يوسي مرادپور جي هنن قديم ڳوٺن جي بنيادي مسئلن کان آگاهه ٿا ڪريون ۽ اميد ٿا ڪريون ته سائين جن اسان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي قدم لازمي کڻندا. (1) گورنمينٽ پرائمري اسڪول سيد آگيڏنو شاهه سيمس ڪوڊ نمبر 404080109 تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي اسڪولي عمارت صحيح طرح ٺهرائي ڏني وڃي ۽ ٻه نمبر مٽيريل جي جانچ ڪرائي، اسڪولي عمارت جو ڪم جلد مڪمل ڪرايو وڃي. (2) ٻيلو شهر کان 7 ڪلوميٽر ڳوٺ سيد آگيڏنو شاهه سميت ڀرپاسي وارن سمورن ڳوٺن کي پڪو رستو ڏنو وڃي. برسات وقت ڪچو رستو هئڻ جي ڪري ايمرجنسي واري صورتحال ۾ ڪنهن مريض کي اسپتال تائين به نٿو پهچائي سگهجي ان کان اڳ ئي اهو مريض تڙپيو تڙپيو فوت ٿيو وڃي. يوسي مراد پور جي ڳوٺ آگيڏنو شاهه سميت ڀرپاسي وارن سمورن ڳوٺن کي پڪي رستي جي سهولت مهيا ڪئي وڃي. (3) سائين هن روشنيءَ واري دور ۾ به اسان اڃان اونداهيءَ واري زندگي گذاري رهيا آهيون، اسان جي ڳوٺن کان بجلي صرف 2 ڪلوميٽر جي فاصلي تي قادري فش فارم تي موجود آهي پر يوسي مرادپور جي ڳوٺ آگيڏنو شاهه ۽ ان جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن کي مهيسر ڪونهي. (4) هتان  6-آر سم نالي گذري ٿي جيڪا سوين ڳوٺن جو برساتي پاڻي نيڪال جو بهتر انتظام آهي پر افسوس جو گذريل ڪيتري عرصي کان ان جي کاٽي ناهي ٿيي جي ان جي کاٽي کڻائي به وڃي ٿي ته به مڙيئي معمولي ڪو ڪم ٿئي ٿو. ان ڪري 6-آر سم نالي جو پاڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي ٿو پوي جنهن سبب غريبن جا گهر توڙي فصل تباهه ٿي ٿا وڃن، خدارا سم نالي جي صحيح طرح  سان کاٽي کڻائي وڃي. (5) صحت جي حوالي سان يوسي مرادپور تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ صحت جو ڪو بهتر مرڪز قائم ڪيو وڃي جتي مريضن جو بهتر علاج ٿي سگهي. سائين اسان توهان کي هٿ ٻڌي اهو عرض ڪنداسين ته اسان غريب ماڻهو آھيون اسان پنهنجي اخبار جي ذريعي توهان تائين پنهنجا مسئلا پهچائي رهيا آهيون اميد آهي ته اسان کي هاڻي مايوس يا نااميد نه ڪندا.

سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول

سنڌ جي ٻين شهرن کي به

پيپلز بس سروس ڏني وڃي!

سنڌ حڪومت پاران ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ پيپلز بس سروسز جي سھولت فراھم ڪئي وئي، ٿيڻ ته ڪجھ سال پھريان کپي ھا ته اھا سھولت شھيد بينهظيرآباد ضلعي کي سنڌ حڪومت اھا سفري سھولت مھيا ڪري ھا پر تمام بھترين فيصلو سنڌ حڪومت ڪيو آھي، ان سلسلي ۾ 6 بسون نواب شاهه پھچڻ تي ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ضلعي صدر علي اڪبر جمالي پاران بسون وصول ڪيون ويون جنھن مان ھڪ بس نوابشاھ کان دوڙ ٻانڌي ۽ ٻي نوابشاھ کان قاضي احمد، مورو ۽ ٽين بس نوابشاھ کان سڪرنڊ ۽ چوٿين بس نوابشاھ کان ڄام صاحب، پنجين بس نوابشاھ کان شاھپور چاڪر ۽ ڇھين بس سٽي لاءِ، اھا ھڪ سٺي ڳالھ آھي ته بس سروس جي سھولت نوابشاھ ضلعي جي عوام کي ڏني وئي آھي جنھن سان عوام کي سفري سھولت ٿيندي پر صرف 6 بسون ڪافي ناھن ڇو ته شھيد بينظيرآباد  ضلعي ۾ ٻيا به ضلعا آھن، سانگھڙ ضلعو به شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ اچي ٿو، جتي ڪا به عوام لاءِ سفري سھولت ميسر ناھي، پبلڪ ٽرانسپورٽ نه ھئڻ برابر آھي، پيپلز بس سروس جي شروعات صوبائي حڪومت جو عوام لاءِ ھڪ خاص تحفو آھي، نوابشاھ کان سانگھڙ، نوابشاھ کان ڀٽ شاھ ۽ نوابشاهه کان نوشهروفيروز روٽ تي به بس سروس مھيا ڪئي وڃي ڇو ته ڏٺو وڃي ته نوابشاھ سرھاڙي ٽپالي روڊ تمام بھترين ٺھي پيو جيڪو نوابشاھ سرھاڙي ۽ ڀٽ شاھ ڏي ويندڙ شارٽ ڪٽ روڊ آھي، ان کان سواءِ نوابشاهه وايا مهراڻ هاءِ وي نوشهروفيروز جو بهترين روٽ اڳ ئي موجود آهي جي اتان به پيپلز بس سروس ڏني وڃي ته آسپاس جي عوام کي وڏو سفري فائدو ٿيندو ۽ نواب شاھ کان شاھپورچاڪر ھلندڙ بس جيڪڏهن نواب شاھ ٽو سانگھڙ روٽ ڪيو وڃي ته اھو به عوام لاءِ هڪ وڏو فائدو ثابت ٿيندو، اميد آھي ته سنڌ حڪومت جلد سانگھڙ، ڀٽ شاهه ۽ نوشهروفيروز ضلعي لاءِ خاص پيپلز بس سروس جو عمل شروع ڪندي.

اسد زرداري/ سرھاڙي

سول اسپتال حيدرآباد جي ڊاڪٽر جو مزاج ۽ رويا!

هي سنڌ جي چند اھم اسپتالن ۾ ڳڻي ويندڙ “سول اسپتال حيدرآباد” جا فوٽوز آھن جتي سنڌ مان مريضن جو وڏو انگ مختلف بيمارين جو علاج ۽ حادثن بعد داخل ڪيا وڃن ٿا، جن سان گڏ سندن عزيز دوست ھمدرد به مدد لاءِ اچي اسپتال جي وارڊن جي ٻاھران رليون يا غلم وڇائي پنهنجن مريضن جي مدد ۽ صحتيابي جون دعائون ويٺا ڪندا آهن، جن ۾ عورتون به هونديو آھن. سندن مجبوري جا احساس دردمند دلين کي ضرور ٿيندي ڏسبا آھن. ڪالھ مريضن جا مائٽ جتي اُس ۽ سخت گرميءَ ۾ رليون وڇائي ويٺل ھئا اتي ھڪ ڊاڪٽر پنهنجي جديد ڪار کي بيھارڻ لاءِ سندن مٿان گاڏي چاڙھي اچي بيھاري ته انهن کيس چيو ته “ڊاڪٽر صاحب توھان کي الله اکيون ڏنيون آھن ڏسو ته سھي پريشانين ۾ انسان ويٺل آھن، ڪو رحم جي نگاھ سان به ڏسو انهن مٿان ڪيئن ٿا گاڏي چاڙھي ڪار کي پارڪ ڪريو؟” پر ڊاڪٽر سندن ھڪ به نه ٻڌندي ساڳي تڪبر غرور سان گاڏي ھلائي سندن سامان لتاڙي، انسانن کي اٿاري گاڏي بيھاري چوڻ لڳو ته “ھي سندس ڪار بيھارڻ جي مخصوص جاءِ آھي، ھتان اٿي وڃو، ٻي حالت ۾ توھان جا مريض “ڊس چارچ” ڪري ڇڏيندس. (مريضن جي عزيزن اھڙي وڊيوز به وائرل ڪئي جنهن جي آڌار ھي پوسٽ لکي اٿم.) ھي ڊاڪٽر ڪير آ؟ سندس نالو ڇا آھي سندس طبعيت مزاج ڪھڙو آھي؟ ان کان ناواقف ٿي فقط وڊيو تي واقعي کي ڏسندي راءِ پيش ڪجي ٿي ته ڊاڪٽر ڀلي ڪھڙو ڪيترو به چڱو مڙس ھجي پر ان مھل سرڪاري ملازم طور نوڪري ڪندڙ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ سندس رويو ۽ قدم غير انساني.، غير مھذب غير اخلاقي، انتھائي چنگيزي صفت لڳو، جنھن مان سوشل ميڊيا ڏسندڙن سندس اندروني ڪيفيت بابت چڱي طرح اندازو لڳايو آھي. جيڪو بيان ڪرڻ مناسب نٿو سمجھان! ھن ڏکوئيندڙ واقعي تي صحت کاتي سنڌ جي رحمدل آفيسرن کي ھن رويي ۽ سرداري مزاج واري سرڪاري نوڪر کي انسانيت جي ٽريننگ ڏيڻ، مريضن توڙي عام ماڻهن سان پيش اچڻ جو اخلاق سمجهايو وڃي، ڇو جو ڪيترن ڪڙڪ، بدمزاج پوليس عملدارن ۽ ڊاڪٽرن جي رويي ۾ فرق ھجن لازمي سمجھيو وڃي ٿو. ان ڏس ۾ ذڪر ڪيل  بيرحم ڊاڪٽر کي پنھنجي بداخلاق ۽ غير انساني رويي تي معافي وٺڻ جي اپيل ڪجي ٿي. جڏھن ته صحت کاتي سنڌ جي سيڪريٽري کي تدارڪ لاءِ ڌيان ڇڪائيندي مريضن سان گڏ آيل مددگارن جي ويھڻ لاءِ، سندن حفاظت توڙي ٿڌي صاف پاڻي جا انتظام ڪرڻ گهرجن، مهرباني.

منظور ڪالرو/قاسم آباد

افغان واپاري راهداري ۽ اسٽيڪ هولڊرز!

(حصو ٽيون ۽ آخري)

وڏي اهميت واري اها آھي ته افغانستان اهي سڀ شيون امپورٽ نٿو ڪري جنهن جي سندن ملڪ کي ضرورت آھي پر هو ان جي ابتڙ اهي شيون امپورٽ ڪري ٿو جنهن جي مارڪيٽ پاڪستان ۾ آھي، ڇو ته افغانستان کي مجموعي طور ڊرگ جي صورت ۾ ڊالرز جو ڪاروبار ڪرڻو هوندو آھي ۽ ايئن اسان جي ملڪ جا به ڊالرز کڻي ٿا وڃن. ان ڪري پاڪستان ۾ ڊرگ جو ڪنٽرول به سخت ناهي، امپورٽ پاليسي ۾ زندگيءَ جي بچاءَ واري شين جي راهداري ڏني ويندي آھي، هي لينڊ ڪروزر ۽ پجيروز ته زندگيءَ جون ضرورتون ناهن، ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته فرانزڪ آڊٽ ڪمپني جيڪا Impartial هجي کان پڻ آڊٽ ڪرائي وڃي ته افغان ٽريڊ ٽرانزٽ ذريعي 76 سالن ۾ ڪيترو نقصان ٿيو آھي، ڇو ته ايئن نه ٿيو ته ملڪي معاشي صورتحال اڃا وڌيڪ خراب ٿي ويندي. هڪ ٻي اهم ڳالھ اها سامهون اچي ٿي ته هي جيڪو اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس خلاف دهشتگردن پاران هٿيار استعمال ٿئي ٿو سو به شڪ آھي ته افغانستان مان اچي ٿو، ان کان سواءِ چائنيز تي حملن ۽ سنڌ توڙي پنجاب جي ڌاڙيلن پاران جيڪي جديد هٿيار استعمال ٿين ٿا سي پڻ ٻاهرين ملڪن جا هٿيار آهن. هي سي پيڪ واري پروگرام کي متاثر ڪرڻ لاءِ اهڙيون حرڪتون ڪيون وڃن ٿيون. ان تي فوري ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آھي نه ته ان جو نتيجو خراب ٿيندو. جنهن بابت خبرون آھن ته اهي هٿيار فرانس ۽ اٽليءَ جا آھن ڇو ته اها دنيا کي خبر آھي ته آمريڪن ۽ روسي هٿيار هاڻي مدي خارج ٿي چڪا آھن. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته حڪومت پاڪستان کي کپي ته افغان ٽريڊ ذريعي جيڪو سامان وڃي ٿو ان جو گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو سامان چيڪ ٿيڻ کپي ته ته اچي ڇا پيو ۽ هتان وڃي ڇا پيو! ٻيو اهو آھي ته ضرورت کان سواءِ جيڪي ٻيون شيون وڃن ٿيون تن تي انٽرنيشنل امپورٽ اصولن تحت امپورٽ ڊيوٽي لڳڻ کپي. ملڪ جي بهتريءَ ڀلائيءَ لاءِ سٺي ڳالھ آھي ته ڪي سخت ۽ اهم اپاءَ ورتا وڃن، جن جو فائدو ملڪ، عوام ۽ ادارن کي پڻ پوي نه ڪي ڪن انهن اسٽيڪ هولڊرز کي جيڪي پڻ شخصي صورت ۾ آھن. ان کان سواءِ جيڪا اھم ڳالھ آھي ته هيءَ ڳالھ پارليامينٽ ۾ بحث هيٺ اچڻ کپي ڇو ته عوام کي ڪا خبر ناهي ته افغان راهداري ذريعي ڪيتري ڊالرز جي امپورٽ ٿي رهي آھي. اسان جي ملڪ جو افغانستان سان ڪهڙو ڪاروباري لاڳاپو آھي ملڪ کي درپيش ايندڙ مسئلن بابت پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ ضروري آھن ته جيئن عوام کي خبر پوي ڇو ته پارليامينٽ ڪرٽيڪل هوندي آھي ۽ بيوروڪريٽ ڪرٽيڪل ناهي هوندو. اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين سينٽ جو اهو فرض آھي ته هو ان معاملي کان پارليامينٽ کي آگاھ ڪن، اتي بحث ڪن ته معاملو ڪيترو اهم آھي ۽ پاڪستان کي ان سلسلي ۾ ڪيترو نقصان ٿي رهيو آھي ۽ ان ۾ ڪير ڪير ملوث آھن.

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي

 

حيدرآباد جو قيدي پارٽ-II!

(حصو پهريون)

ماسٽر دانش کي چوان ٿو ته جيلر شڪيل کي وڃي چئو ته ڇلگري آصف کي توسان ملڻو آهي، هُو ويو ۽ ڪجھه دير کان پوءِ اچي چيائين ته شڪيل صاحب جو چوڻ آهي ته جيل سپرنٽينڊنٽ آصف جي ڪم ۾ دلچسپي پيو وٺي ۽ هُو آصف سان ملندو… مون چيو ته ٺيڪ آهي اڄ ان مسئلي کي ڏسون ٿا. وارڊ ۾ اچي سپاهي امجد کي چيم ته وڃي جيلر شڪيل کي چئو ته هينئر جو هينئر آصف سان ملين ٿو يا نه؟ سپاهي منهن لڙڪائي هليو ويو ۽ ڪجھه دير کان پوءِ آيو ۽ اچي چيائين ته شڪيل صاحب چيو آهي ته آئون ڪجھه ئي دير ۾ آصف سان اچي ملان ٿو. آئون سپاهيءَ کي لان ۾ ڇڏي اڃا کوليءَ ۾ اچي مس ليٽيو ئي هئس ته آفيس جي لاءِ پرچي اچي وئي، اها پرچي جيل سپرنٽينڊنٽ جي طرفان آئي هئي. سپاهي عبدالشڪور نوناريءَ مون کي ايس ايس پي آفيس ۾ وٺي ويو، جناب اشفاق ڪلوڙ صاحب تمام زبردست طرح سان ملڻ کان پوءِ چوڻ لڳو ته آصف تو ڪنهن کي به بخش ناهي ڪيو، ڪراچيءَ کان ويندي خيرپور ميرس تائين جي آفيسرن سان تو ڦڏا ڪيا آهن، يعني اتر توڙي لاڙ جي آفيسرن کي ٽانڊا ڏنا اٿئي، مون سڀ فائيل ڏٺا آهن. مُرڪي چيومانس ته جڏهن قيدي کي پَري ڪنهن جيل تي بدنام ڪري ايڊمنسٽريشن بنيادن تي ڪڍيو ويندو آهي ته ڇا هُن کي اُتي گلن جا هار جيل وارا پارائيندا آهن؟ لازمي آهي ته جيل وارا ڦڏو ڪندا آهن، پوءِ موٽ ۾ آئون به ساڻن ڦڏو ڪندو آهيان. سپرنٽينڊنٽ مُرڪي پهريان سپاهيءَ کي  ڏٺو پوءِ مون کي چوڻ لڳو ۽ ايئن ئي منهنجو رڪارڊ ضياءَ، ڪريم عباسيءَ کان ويندي ملڪ اسلم تائين خراب ڪيو ويو آهي جيڪو ٺاهڻ لاءِ مون کي 15 کان 20 ڏينهن ته لڳندا. چيومانس ته ايس ايس پي ڪريم عباسي صاحب هڪ نيڪ انسان آهي جنهن جو منهنجي ٺاهه ٿيڻ ۾ به هڪ وڏو ڪردار آهي. اشفاق ڪلوڙ صاحب چيو ته جي آئون ڪريم عباسيءَ جي ئي لکت توکي ڏيکاريان ته تون پاڻ پريشان ٿي ويندين. مون چيو ۽ توهان جيڪو لاڙڪاڻي جيل ۾ آپريشن ڪيو هو؟ مون سڄو ٽي وي تي لائيو ويهي ڏٺو هو. ايس ايس پي صاحب چيو پر مون ڪنهن به قيديءَ کي هڪ چماٽ به ڪو نه هڻڻ ڏني هئي ۽ عزت سان رڳو جيل خالي ڪرايو هو، مون چيو پر انهن قيدين جو هتي اچڻ کان پوءِ جيلر شڪيل، ڊپٽي عارف ۽ سپاهي بدر انهن جون مُڇون، مٿا ڪوڙي کين تشدد جو نشانو بڻائي انهن کي پوري جيل ۾ سرگس ڪرايو هو. (جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

اڄ پهرين کان گرمي گھٽ هئي، آسمان تي به هرطرف کان جھڙ پکڙيل هو، گرمي گھٽ هئڻ جي ڪري آئون پنهنجي کوليءَ مان نڪري پياري ڀاءُ خواهش سمون سان ملڻ سندس وارڊ نمبر پنج ۾ هليو ويس. ڪافي دير آئون ۽ خواهش ڀاءُ پاڻ ۾ ڪچهري ڪئيسين، ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ خواهش سمون مون کي پنهنجو وارڊ گھمايو، سندس وارڊ ۾ رنگ برنگي طوطا، مور پکي، قسم قسم جون ڪڪڙيون، ڪڪڙ ۽ تتر موجود هئا، سڀ سندس پاليل آهن، پنهنجي کوليءَ تي آيس ته ايتري ۾ منهنجي وارڊ جو سپاهي دلبر گاڏهي منهنجي ملاقات جي پرچي کڻي مون وٽ کوليءَ تي اچي پهتو. ملاقات جو ٻڌي آئون تڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا مٽايا، ملاقات روم ۾ پهتس، ملاقات تي منهنجو پرين پيارو ڀاءُ سورج چانڊيو ۽ شاهد بروهي آيل هئا، سورج سان منهنجو روح جو رشتو آهي، سڳن ڀائرن کان سڳو آهي، انهن سان ملي ڏاڍو بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان. ڪافي ڏينهن کان پوءِ پنهنجن ڀائرن سان ملي تمام گھڻي خوشي ٿي. ٻئي مون لاءِ عيد جو وڳو کڻي آيا هئا، سورج هر عيد دوران مون لاءِ ڪپڙا وٺي ايندو آهي. ملاقات دوران مون سجاد ملاح جي پرچي ڪرائي جيڪو ڪافي ڏينهن کان سجاد مون کي سورج سان ملڻ لاءِ چوندو رهندو هو، سجاد ملاح تمام پيارو ۽ اخلاقي آهي، سجاد پنهنجي وڏي ڀاءُ جيان منهنجي عزت ڪندو آهي، مون کي به ڀائرن جيان پيارو آهي. سورج سان سجاد جي ملاقات ڪرائي کيس ان جي پارت ڪيم، پوءِ آئون ۽ سجاد سورج کان موڪلائي واپس پنهنجي کولين ڏانهن آياسين، جتي ڀائو حيدر کوسو ۽ بلال شر اسان جي واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

غرناطه!

جڏهن اسان غرناطه جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اڏاوت جي عظمت اسان جي آڏو الحمراءِ جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي، اهو محل ڏسي ان کي ڏسندڙ تعجب ۾ اچي وڃي ٿو، زماني جي ظلمن جي باوجود اڄ به اها عمارت سڄي دنيا جي سيلانين جو مرڪز بڻيل آهي، هي محل غرناطه جي بلند پهاڙ جي دامن ۾ سرسبز ۽ شاداب ٻنين ۾ اڏيو ويو آهي. محل جي چئنين طرفين ساوڪ ئي ساوڪ آهي، ان جي ڪري هي محل هن ڌرتيءَ تي تمام خوبصورت عمارتن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ان ۾ مختلف هال ۽ وڏا وڏا ڪمرا موجود هئا، مثالطور ڪاري پٿر سان ٺهيل هال، اڇي ۽ ڪاري پٿرن سان ٻنهي پاسين ٺهيل ٻه ڪمرا، عدالتي ڪمرو، سفيرن سان ملاقات ڪرڻ جو هال وغيره. الحمرا جي خوبين جو مڪمل نقشو پيش ڪرڻ ڪنهنجي وس جي ڳالهه نه آهي. ان جي عظمت لاءِ اهو ثبوت ڪافي آهي ته فرانس جي مشهور شاعر وڪٽر هيوگو ان سان مخاطب ٿي پنهنجا خيال ۽ جذبا هن ريت بيان ڪيا آهن: “اي حمرا، اي حمرا! اي قمر (محل) جنهن کي فرشتن جي تخيل جي چاهت مطابق سينگاريو ويو ۽ توکي تنظيم ۽ سيليقي ۾ جو نشان بڻايو ويو. اي وڏي شرف ۽ شان وارا قلعا! جنهن ۾ گلن جي چٽسالي ۽ لڙيل لامن جي چٽسالي ڏسڻ وٽان آهي، جڏهن چنڊ جي چانديءَ جھڙي اڇي چانڊوڪي، تنهنجي اولانهين مُنارن مان گذري تنهنجي ديوارن تي پئي ٿي ته، ان مهل رات جي ماٺ ۾ هڪ اهڙو سُرٻاٽ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي جيڪو دل کي جادم ڪري ڇڏيندو آهي.”

نواز علي شوق/ڪراچي