ميرپورخاص جو قيدي!

(حصو پهريون)

مورن جا آواز ٻڌي اک کلي پئي ۽ ذهن ۾ ڏاهي ديدار صاحب جا هي اکر ڀڙڪا هڻندا رهن ٿا ته:

ڪارونجھر جي ڪور تي مور ڪئي دانهن،

دل ۾ پيو چوان، ته ماريءَ مور ماريو.

مان ڪافي ديري تائين بستري تي ليٽيو پيو هئس ۽ مورن جون ٻوليون ٻڌنديو رهان ٿو، جيڪي ڪجھه دير کان پوءِ ڪتن جي ڀونڪڻ ۽ سپاهين جي سيٽين ۾ لڪي وڃن ٿيون. آزاد بلوچ (مقبول حسين ڇلگري) صاحب ڪچهري ڪرڻ اچي ٿو، اسان ٻئي گڏجي وارڊ جي پوئين طرف ڏانهن واڪ ڪرڻ وڃون ٿا. مذهب، فلسفو، تاريخ، ادب، جبر ۽ ڏاڍ کان ويندي ارتقاءَ تي بهترين رهاڻ ٿئي ٿي، هو پوري جو پورو انسائيڪلو پيڊيا محسوس ٿئي ٿو. 36 ڪتابن جو ليکڪ ۽ ست ملڪ گھمندڙ مسافر آزاد جو دوستيءَ تي بلڪل به اعتبار ناهي ۽ هو عشق جو به ڪٿي ڪٿي مون کي انڪاري محسوس ٿيو، هو محبت کان بلڪل به نٿو ڊڄي بلڪه هُن جو چوڻ آهي ته موت جي آغوش ۾ وڃڻ کان پوءِ ئي اصل راحت آهي. هُن چيو ته سنه 1992ع ۾ منهنجي معصوم پٽ منهنجي جھوليءَ ۾ تڙپي تڙپي دم ڏنو هو، هو جڏهن تڪليف ۾ هو ته موت ان کان اُها تڪليف کسي ورتي، هُن چيو ته اُن ڏينهن کان پوءِ موت ئي مون کي هر تڪليف جو حل محسوس ٿيندو آهي. هُن چيو ته سور ته انسان جي بدن ۾ موجود هجي ٿو پر ڏک انسان پاڻ پيدا ڪندو آهي. ايل ايل بي پاس کان سواءِ ايم اي پاس آزاد بلوچ پنهنجي هڪ شهيد دوست ۽ ان کي شهيد ڪندڙ هڪ هٿياربندن دهشتگرد جي به هڪ مختصر ڪهاڻي ٻڌائي ٿو، جنهن ۾ هو مُردي تي ڪاوڙ ڪري رهيو هو ۽ آخر ۾ ان نتيجي تي پهتو ته هن دنيا مان جيڪو به لڏي وڃي اهو کڻي ڪيترو به ڏاڍو هجي اُهو اسان کان زور آهي. هُن آڪاس ۾ اڏمندڙ هڪ پکيءَ سرڻ ڏي اشارو ڪندي چيو ته ڇا پاڻ هتان هن جو ڪجھه به بگاڙي سگھون ٿا؟ منهنجي انڪار ڪرڻ کان پوءِ هُن چيو ته اهو پاڻ کان زور آهي ۽ ان ۾ پنهنجو ڪو ڪم به ناهي، ان لاءِ اهڙي ڪنهن به شيءِ ڏي ڌيان ڏيڻ ضروري ناهي، هُن چيو ته انساني دماغ به گاڏيءَ جي اسٽيرنگ جھڙو هوندو آهي، جنهن کي جي غلط رخ ڏئي ڦيرايو ويو ته انساني زندگي تباهه به ٿي سگھي ٿي. مامي آزاد سان ڪچهري ڪري باقاعدگيءَ سان محسوس ٿيو ته ڪنهن پروفيسر سان پلس ڪنهن مضبوط ڪمانڊو سان ڪچهري ڪري رهيو آهيان. 50 ورهين جي ڄمار ۾ به هو هڪ تمام مضبوط جسم جو مالڪ آهي، هُن لائبريري وارن کي سڏ ڪرائي مون کي هڪ عدد ننڍڙو خوبصورت قرآن پاڪ به گھرائي ڏنو. اسان ڪو 2 ڪلاڪ کن وقت گڏ گذاريو، جنهن کان پوءِ ماما آزاد بلوچ صاحب کي ڊي آءِ جي، جي ڪال آئي ۽ هو ماڙي ڏي هليو ويو ۽ آئون کوليءَ ۾ اچي ويس، هن جا لفظ ڪافي دير تائين منهنجي ذهڻ ۾ ڦرندا رهيا. (جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل ميرپورخاص

اتحادي حڪومت جا الوداعي ڏينهن!

(حصو ٻيو ۽ آخري)

تنھن ڪري ملڪ جي معاشي، سياسي مستقبل سان سلھاڙيل سوين ھزارن جو ھڪڙو ئي  اھم سوال اھو آهي ته ملڪ ۾ وقت سر چونڊون ٿي سگھنديون يا نه؟ ملڪ جي سياسي حلقن سميت ھر شھري جي ذھن ۾ اھو ئي سوال اڄ ڪلهه گردش ٿو ڪري. ھاڻ انهيءَ جو جواب به ھاڻ ڪو راز ناهي وڃي رھيو، ڇاڪاڻ ته تازو گڏيل مفادن واري ڪائونسل طرفان نئين ۽ پھرين ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا منظور ڪرڻ کان پوءِ آئيني طور ھاڻ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نيون چونڊون نئين تڪبندين تحت ئي ڪرائڻ جي پابند آهي ۽ سنئين سڌي ڳالهه اها آهي ته اليڪشن ڪميشن کي نئين تڪبندين تحت چونڊون ڪرائڻ ۾ 90 ڏينهن کان به وڌيڪ وقت گھرجي، انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شايد عام چونڊون وقت تي ممڪن نه ٿي سگهن ۽ نگران سيٽ اپ ۾ اظافو ٿئي. باقي ايندڙ سرڪار کي پڻ کوڙ امتحانن جي منهن مقابل ٿيڻو پوندو، جن ۾ مھانگائي، ملڪ مٿان عالمي قرض، سياسي ۽ معاشي استحڪام سميت دھشتگرديءَ جھڙن خطرن کان ملڪ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ سرفھرست آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن وقت سر چونڊون ٿين ٿيون ۽ نگران حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي اقتدار نئين چونڊجي آيل سرڪار حوالي ڪري ٿي ته پوءِ وري به عوام جون اکيون ايندڙ سرڪار ۾ ئي  ھونديون ته نئين حڪومت ڪيترو ٿي عوامي دردن جو درمان ڪري ۽ موجوده مسئلن کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي؟ اٽي، کنڊ، گيھ جي آسمان تي پھتل اگھن کي زمين تي آڻڻ ۾ ڪھڙو ڪردار ٿي ادا ڪري. گڏوگڏ سفارتي سطح تي پڻ نئين سرڪار پنھنجا لاڳاپا بھتر ڪندي، عالمي سياست ۾ ڪيئن ٿي ملڪ جي ساک کي بھتر ڪري اھي سڀ ايندڙ حڪومت لاءِ وڏا امتحان آهن. شال! وقت سر چونڊون ٿي سگهن ۽ ايندڙ حڪومت اچي ملڪ کي ھنن سمورن مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ته جيئن حقيقي معنيٰ ۾ ملڪ اندر تبديلي ممڪن ٿي سگهي.

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

لوٽا ۽ انهن

جون قلابازيون!

(حصو ٻيون ۽ آخري)

ڪالھ ھڪ دوست استاد سان ڳالھ ٻول پي ٿي، پڇيم اڄ ڪلھ ڇا مصروفيتون آھن اسڪول ۾؟ چيائين ته 14 آگسٽ  جون تياريون پيون هلن، چيم گلن جھڙن ٻارن کي چيائين ته پاڪستان جي تاريخ، وسيلن جي ڄاڻ، شھيدن جون قربانيون، سورهين جي سورهيائي ٻڌائيندس، چيم ڇا تون واقعي ٻارن کي پاڪستان جي سچي تاريخ ٻڌائي سگهندين؟ ٻارن کي ٻڌائي سگهندين ته ايترين وسيلن سان مالا مال ملڪ ايندڙ نسلن تائين قرض ۾ ٻڏل آھي، ٻڌائي سگهندين ته جن دل ۽ جان سان پاڪستان ٺھڻ لاءِ ڪوشش ڪيون انهن کي غدار جھڙا لقب مليا ۽ جيلن ۾ قيد ڪيا ويا، انهن کي لوٽن بابت ٻڌائي سگهندين ته ڪيئن لوٽا انهن جي حقن تي حاوي آھن ۽ انهن جي ابن ڏاڏن جي ووٽ تي ايوانن ۾ پهچي پنهنجي ٻارن کي دنيا جي وڏي ۽ مهانگن اسڪولن، اسپتالن ۽ گھرن ۾ ٿا رکن ۽ توهان کي هن جي بدلي اھڙن سرڪاري اسڪولن ۾ جتي بجلي، پاڻي، عمارت، ويھڻ لاءِ ڪرسيون ناهن پٽ تي ويهي پڙھو ٿا ۽ اوهان کي مليل سرڪاري ڪتاب به هاڻي اڻلڀ آهن، اڻلڀ ان لاءِ ته لوٽن جا جيڪي وري هيٺيان لوٽا آھن اهي ڪتاب وڪرو ڪري گذر سفر ڪندا آھن ڇو ته اهي بک وگهي مري رهيا آھن، ان ڪري اوهان مظلومن جا ڪتاب به کائي ويا، منهنجي ڳالھ ٻڌي دوست چپ ٿي ويو .لوٽا لوٽا ئي هوندا آھن ڀلي اهي ھٺيئن طبقي جا هجن يا وري مٿئين جا. تازو فيس بڪ تي هڪ دوست جو پوسٽ پڙھيم جنهن ۾ ھن ٻه تصويرون شيئر ڪيون جن ۾ ھڪڙو لوٽو ٻن صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻي بيٺو هو، هڪ ته هڪ جي ڊوميسائل گھوٽڪي سنڌ جو ته ٻيو رحيم يار خان پنجاب جو، پنجاب ۾ نوڪريون اچن ته مظلوم سرائيڪين جي حقن تي ڌاڙو، جي سنڌ ۾ اچن ته سنڌين جي حقن تي ڌاڙو. مون کي ڌارين تي افسوس ناهي، ڏک اھڙن لوٽن تي آھي جيڪي ڪجھ ٽڪن عيوض پنهنجي ٻارن جي حقن تي ڌاڙو ھڻائن ٿا. ابراهيم منشي ياد پيم “مون پڪ سڃا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾، پي واٽ ڏسيائون واسينگن کي ويهي واڙيچن جي واڙي ۾” جيڪي لوٽا ھاڻي واسينگن کي واٽ پيا ڏسين اهي واسينگ انهن جي پنهنجي ٻارن جا ئي حق کائيندا، تڏھن اهي پنهنجي منهن تي ڪارپ ملڻ جيترا به نه هوندا.

حامد گبول/ڪراچي

سنڌي شاگردن لاءِ مقتل گاھه بڻيل ڪراچي يونيورسٽي!

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن کي وقتن به وقت مختلف اٽڪلون ھلائي ھيسائي ۽ دٻايو پيو وڃي ۽ سنڌي شاگردن کي ڀت سان لڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، گذريل سال ھن ئي مهيني آگسٽ ۾ جميعت جي شرپسندن سنڌي شاگردن تي يونيورسٽي ۾ سخت تشدد ڪيو ھو، جنهن بعد جميعت جا ذميوار اڳواڻ مبينا ٽائون ٿاڻي تي اچي لکت ۾ معافي نامو ڏئي ويا هئا ۽ سنڌ جي پرامن سنڌي شاگردن سنڌ جي ريتن ۽ رسمن کي مانُ ڏيندي کين معافي ڏني ھئي. تازو ساڳيو ئي مهينو آھي ۽ ساڳي جماعت سان وابسطا شرپسندن ھڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي شاگردن کي ٽارگيٽ ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، سنڌي شاگردن زخمين کي جناح اسپتال کڻائي ويا جنهن بعد مبينا ٽائون ٿاڻي اڳيان 8 ڪلاڪ کان وڌيڪ لڳل ڌرڻي بعد پوليس انتظاميه انڌي منڍي ايف آءِ آر جميعت جي شرپسندن تي داخل ڪئي. ڪيس داخل ٿيڻ کي 3 ڏھاڙا گذري چڪا آھن پر پوليس انتظاميه ڪَن لاٽار، سستي ۽ سڌي طرح جميعت جي شرپسندن جي ونگارو بڻيل آھي جنهن ڪري ھن وقت تائين ڪنهن به ھڪ فرد جي گرفتاري عمل ۾ ناھي اچي سگهي. اڄ جمعي جي ڏينهن سنڌي شاگرد سٿ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن يونيورسٽي جي جُبلي گولڊن گيٽ اڳيان 2 ڪلاڪ کان وڌيڪ پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو ته سنڌي شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ جميعت جي شرپسندن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي پر افسوس ان ڳالھ جو آھي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر يا ڪو ٻيو ذميوار شخص سندن ڏانهن لڙي به نه آيو. لطيف سائين سنڌ آھي ۽ سنڌ لطيف سائين آھي، گذريل سال جيان ھن سال به سنڌي شاگرد سٿ جي اسٽينڊ تي لطيف سائين جي بيتن جي بي حُرمتي ڪئي وئي جيڪو عمل نامناسب آھي ۽ ناقابل برداشت جوڳو عمل آھي “جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آھن” ھن دجالي دور ۾ جتي ھر شخص ھڪ ٻئي جي خون جو پياسو آھي اُتي لطيف سائين سموري عالم لاءِ دعا گهري آھي ته:

سائيمَ، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

سموري سنڌ ڪراچي يونيورسٽي جي انتظاميه کان گهر ڪري ٿي ته فوري طور تي جميعت جي شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪرائي کين کي گرفتار ڪرائي ۽ لطيف سائين جي بيتن جي ٿيل بي حرمتي تي سموري سنڌ کان معافي وٺي سموري يونيورسٽي ۾ لطيف سائين جا بيت لکرايا وڃن، ٻي صورت ۾ سموري سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سميت انتظاميه خلاف سخت احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي.

عامر خان مهيسر/ڪراچي

ملڪاڻي شريف ۾ وڌيل بدامني جو ذميوار ڪير؟

منھنجو ڳوٺ ملڪاڻي امن جي نگري سڏيو ويندو آھي، ھتي مختلف ذاتين، مذھبن جا ماڻھو امن، پيار ۽ محبت سان ڪافي وقت کان رھندا پيا اچن، عيد ھجي يا ٻيو ڪو خوشي جو ڏينھن، ڏک توڙي سک ۾ برابر جا شريڪ رھيا آھن پر ڪو فسادي ماڻھو يا گروھه جنھن کي منھنجي ڳوٺ جي ماڻھن جي مذھبي رواداري صفا ڏکي لڳي رھي آھي جو ھر ڏينھن ڪو نه ڪو فتنو پکيڙيو پيو وڃي. ڪجھه وقت اڳ ملڪاڻي ۽ آسپاس ۾ شخص جو ڳلو ڪپيل لاش مليو. ڪجھه وقت اڳ منھنجي ڳوٺ جي ھڪ واپاري سيٺ خالد کان جھڏو ملڪاڻي روڊ تي ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي پر سيٺ خالد جي ان وقت جي ھوشياري سبب ڦورو ناڪام رھيا تنھن باوجود مسلسل گاڏي پويان لڳا آيا پر ڦورن کي ڪجھ حاصل ن ه ٿيو. حيرت اھا ٿي ته جاءِ واردات تي پوليس به موجود نه ھئي نه ئي انتظاميا ڪا حرڪت ڪئي. ڪجھه لاپرواھي اسان ڳوٺ وارن جي به چئبي جو ان وقت انتظاميا تي ڪو پريشر نه وجھي سگھياسين. ڳالھه ھتي ختم نه ٿي، ھن واقعي کي ڪجھه ڏينھن مس گذريا ته منھنجي ڳوٺ جي ويجھو ڊاڪٽر سرفراز ڪلوئي کان روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل ڦر ڪيا ويا پر تڏھن به پوليس ۽ انتظاميا اک نه پٽي. رات ملڪاڻي شريف جي انسان دوست دڪاندار سيٺ گل حسن کان سرعام ھٿيارن جي زور تي ساٿين سميت يرغمال بڻائي 20 لک روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪيا ويا، مزاحمت تي سيٺ گل حسن کي بندوق جو ڌڪ به ھنيو ويو. اتي موجود مقامي ماڻهن مزاحمت جي ڪوشش ڪئي ته ڦورن سڌا فائر ڪيا جنھن ڪري ڪير اڳتي نه اچي سگھيو. واقعي ۾ به پوليس پنھنجي روايت برقرار رکي ۽ وقت تي نه پھتي نه ئي ڪو ترت ايڪشن کنيو ويو. ڳوٺ جي معزز ماڻهن نمبر ٽريسنگ لاءِ بدين ايس ايس آفيس جي انچارج رانا ساحل کي نمبر موڪليا جنھن جي جاچ ھلي پئي. ايس ايڇ او پنگريو ڪو به هاڪاري ڪردار ادا نه پيو ڪري نه ئي پوليس پوسٽ تي گذريل مھيني کان ڪو انچارج موجود آھي. ھن سمورن واقعن ۾ پوليس جو هاڪاري ڪردار ڪٿي به نظر نٿو اچي. ڳوٺ وارن لاءِ ته اھي پنھنجي احتجاجي تحريڪ ختم نه ڪن ۽ ڦورن جي گرفتاري تائين تحريڪ ھلائين. ايس ايس پي بدين ۽ آءِ جي سنڌ کي گذارش آهي ته ايس ايڇ پنگريو خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ خيرپور پوسٽ کي ملڪاڻي ۾ آندو وڃي جتي انچارج پڻ مقرر ڪيو وڃي.

ڪاشف لغاري/ ملڪاڻي شريف

ڦل جو رئيس به

جهان ڇڏي ويو!

ڦل واسي کل مک، يار ويس زندگي کي ڀرپور نموني گذاريندڙ زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ مختلف بيمارين ۾ ورتل هجڻ سبب پنهنجي گهر تائين محدود آخرڪار هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وڃي مالڪ حقيقي سان مليو، مون کي جڏهن رئيس جي مرتئي جي خبر سندس نياڻي منهنجي بهترين دوست استاد غلام مرتضيٰ ڦل جي فون وسيلي ڏني ته ڄڻ شاڪ لڳو ۽ ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون ذهن تي هڪ فلم جيان سامهون اچي ويون ته ڪيئن ساڻس گڏ ڪوئيٽا جو سفر ڪيو هيوسين، جنهن سفر ۾ اسان سان گڏ استاد غلام مرتضيٰ ڦل ماجد علي ميمڻ پڻ گڏ هئا ۽ ان سفر کي رئيس خدابخش ڦل جي کل ڀوڳ ڊاڙي ٺڪاءَ واري طبعيت سبب هڪ يادگار سفر بڻائي ڇڏيو هو، جيڪو ڪڏهن به نه وسري سگهندو، ان سفر کان سواءِ منهنجا ساڻس گڏ ٻين شهرن ڏانهن جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو پاور هائوس سميت گهڻا سفر پڻ ڪيا آهن جن کي پڻ مان يادگار سفر چوندس، ساڻس گڏ ٿيل سفرن کان سواءِ سندس جي مون سان تمام گهڻي لڳندي هئي، سندس جي آخري بيماريءَ جي بستري واري وقت کان سواءِ ساڻس تقريبن روز ملاقات ٿيندي هئي، مون وٽ دڪان تي ايندو هو ۽ پنهنجي زندگي جي تجربن بابت ٻڌائيندو هو ۽ هڪ پنهنجي وڏي وانگر مون کي سمجهائيندو هو ۽ سندس جون چيل ڳالهيون تقريبن سچ ثابت ٿينديون هيون، ڇو ته سندس جو چيل ڳالهيون سندس جي زندگي جي تجربن تي ٻڌل هونديون هيون، رئيس خدابخش ڦل پنهنجي زندگي ڀرپور نموني سان باقائدي عياشي سان گذاري، سندس جي زباني ڪيل ڳالهين موجب ته مان ان وقت جڏهن هڪ سئو جو نوٽ پنجن هزارن جي برابر هوندو هو ته ان ۾ تماڪ ڀري سگريٽ ڪري پيئندو هئس ۽ سئو جا نوٽ لغڙن ۾ وجهي اڏائيندو هئس ۽ لغڙ ڪاٽا ٿيڻ بعد لغڙ سميت پئسا به اڏري ويندا هئا. سندس زباني ته ڦل واسي رئيس ارباب ڦل سان گڏ اسلام آباد غلام مصطفيٰ جتوئي سان ملڻ وياسين جنهن تمام گهڻي خدمت ڪئي، مطلب ته رئيس خدابخش ڦل هڪ گهڻ رخي شخصيت جو حامل فرد هو ۽ هن پنهنجي زندگي وچولي طبقي سان تعلق هجڻ باوجود تمام گهڻي شاهاڻي نموني سان گذاري پاڻ زندگي جا آخري ڏينهن شگر، بلڊپريشر، گڙدن جي بيماري سبب بستري تي گذاريا ۽ 11 آگسٽ جي شام جو هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، رب پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين.

محمد خالد ميمڻ/ڦل شهر

ضلعي ۾ امن امان بحالي ۽ ڏوهن تي ڪنٽرول لاءِ ڪوشان!

امن امان بحال رکڻ لاءِ پوليس جو ڪردار اهميت وارو ٿيندو آهي، پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول واسطي قانون حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ تيار رهندي آهي، پوليس کي پنهنجي جاءِ تي ڏکيائيون ۽ مسئلا درپيشن اچن ٿا، تنهن باوجود به پوليس پنهنجي پاران قدم کڻندي رهي ٿي، ڳالهه ڪجي ٿي ايس ايس پي نوشهروفيروز صدام حسين خاصخيلي جي جيڪو پوليس کاتي ۾ نهايت ذميوار فرض، شناس ۽ قابل آفيسر آهي، جيڪو هن وقت ايس ايس پي نوشهروفيروز جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون نڀائي رهيو آهي ۽ پنهنجي کاتي جو گراف مٿانهون ڪرڻ ۽ ضلعي ۾ امن امان جي بحالي ۽ ڏوهن تي ڪنٽرول واسطي ڪوشان آهي، جيڪو پنهنجو ڪم ۽ ذميواريون احسن طريقي طور ادا ڪندو رهي ٿو، ايس ايس پي نوشهروفيروز کي ان جا بالا آفيسر کيس پيشوراڻين صلاحيتن تي داد ڏيندا رهيا آهن، جيڪا ڳالهه ڪنهن قابل ۽ پيشوراڻين صلاحيتن جي مالڪ پوليس آفيسر لاءَ فخر جهڙي آهي، جنهن ضلعي ۾ ڏوهه ڪندڙ سماج دشمن عنصرن ۽ پيشور ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف گهيرو تنگ ڪيو ۽ ٿوري وقت ۾ رڪارڊ ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي آهي. ڳالهه اها آهي ته ايس ايس پي نوشهروفيروز جي هدايتن تي مورو سب ڊويزن جي پوليس ٽيم ڪامياب آپريشن ڪري ٻن هفتن اندر موٽر سائيڪل چورن، ڦورن ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، قانون حرڪت ۾ آڻڻ بعد پوليس موٽر سائيڪلون ۽ لکين رپيا واپس ڪرايا آهن، ڇاڪاڻ ته ضلعي ۾ موٽر سائيڪل ڦر ۽ ٻين چورين جو وارداتون معمول بڻجي ويون هيون جن جي خاتمي لاءَ ضلعي جي پوليس متحرڪ ٿي ڪارروائي ڪندي رهي ٿي ۽ ڏوهه ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم رهي ٿي جيڪا ڳالهه پوليس جي ڪارڪردگي بابت ساراهه جوڳي چئبي، ڇاڪاڻ ته پوليس جو ڪم آهي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ پر اها به ڳالهه آهي ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي خاص هدايتن تي ڊويزن هيڊ ڪوارٽرز جا ڊي آءَ جيز ۽ ضلعي ڪمانڊر پنهنجي حڪمن ۽ آرڊرن سبب پوليس ڊپارٽمينٽ جو مورال وڌائڻ سان گڏ کاتي ۾ موجود آفيسرن جي اصلاح پڻ ڪندا رهن ٿا جيئن صوبي ۾ بدامني ۽ ڏوهن جو خاتمو ٿئي، امن امان جي بحالي يقيني بڻائي سگھجي.

محمد اسلم ماڪو/پنو عاقل

هن ڀيري ڪاڇي واسي ڀوتار توهان جو چڱو آڌرڀاءُ ڪندا!

جوھي واھي پانڌي روڊ جي تازي صورتحال موجب 21 ڏينھن گذرڻ باوجود روڊ جا کنڊ بند نه ٿي سگھيا آهن، واهي پانڌي ۾ ڌڻ سردارن جو ھجڻ باوجود به پنھنجي ڳوٺ جو روڊ بحال ڪرائڻ ۾ هو  مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن، روڊ بحال نه ھئڻ ڪري ڪاڇي جا سوين ڳوٺاڻا عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، اٽي تي چٽي اڳوڻا چونڊيل نمائندا آرام جي گوري کائي سمهي پيا آهن، ڪجھ ڏينھن بعد اچي ڪاڇي وارن کي چوندا ته ھن ڀيري ووٽ ڏيو، توھان جا روڊ سون سان ٺهرائينداسين، ڪاڇي وارن کي اکڙيل روڊن جي پٿرن جا ھار تيار رکڻ گھرجن جيئن اليڪش دوران ايندڙ وڏيرن جو استقبال سٺي نموني سان ٿي سگھي. هن وقت واهي پانڌي، ڳوٺ پريو، جمالي ٽنڊو رحيم خان سنڌ جو تفريح ماڳ گورک هل اسٽيشن سميت ڪيترن شهرن دادو جوهي سان زميني رابطو ڪٽيل آهي، ڪاڇي جو عوام سورن ۾ آهي عوام وٽ تڪ جا چونڊيل نمائندا لڙي نه آيا آهن، جيڪڏھن ملڪ ۾ چونڊون هجن ها ضرور اچڻ ها، خدارا ڪاڇي جي عوام تي رحم ڪيو، واهي پانڌي تي وڏيون پلون تعمير ڪرايو وڃن، ڪاڇي جي عوام کي تڪليف کان بچايو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي ڪاڇو

پاڪستان سينيئر سٽيزن

ايسوسيشن پاران سالگرھ جي تقريب!

پاڪستان سينير سٽيزن ايسوسيشن حيدرآباد ۾ مختلف تقريبن، قديم ثقافتي آثارن جا مشاھداتي دورا ڪرڻ ۽ وڻندڙ ماحول وارين جاين تي پڪنڪ ڪرڻ جي پروگرامن سان گڏ پنهنجن معزز ميمبرن جا جنم ڏينهن توڙي ٻين خوشين جي موقعن کي گڏجي سڏجي ملھائڻ جي پروگرامن کي اوليت ڏني وڃي ٿي. تازو 10 آگسٽ تي ايسوسيشن جي سرگرم ميمبر (راقم) منظور حسين ڪالرو جو جنم ڏينهن ملھائڻ جي سادي تقريب ٿي، جنهن ۾ حاضر معزز ميمبرن جي محبتن سان Day Center ۾ جنم ڏينهن تي قرب ۽ دلي رچاءَ سان سالگرھ جي ڪيڪ جو لطف وٺندي، گلن جي ھارن، گلدستن، ڀاڪرن ۽ چمين سان سالگرھ جون مبارڪون ۽ دعائون پيش ڪيون ويون، جنهن سان عاليشان ۽ وڻندڙ خوشبوئن سان ڀريو ماحول ڏسي سڀني شريڪ ساٿين کي دلي خوشي ۽ اطمينان ٿيو  ان موقعي تي صدر PSCA جناب ھارون ميمڻ جن جي شرڪت تي ميمبرن ڀائرن کي خوشي ٿي. پاڻ Happy Birth Day چوندي سادي تقريب ۾ شامل ٿيا. تقريب ۾ ميمبرن گڏجي وڏي آواز سان پنهنجي  پيار جي اظھار ۾ Happy Birth Day To You جڏهن ته سعودي عرب جي مقدس شھرن مديني/ مڪي شريف مان عمري جي اعلا شرف لاءِ ويل آغا سيف الله خان جنرل سيڪريٽري PSCA توڙي ٻين سڄڻ، ساٿين، دوستن فون/پيغامن/ واٽس ايپ ۽ مضمونن وسيلي دعائن جي نوازش سان گڏ “سالگرھ جون مبارڪون” به پيش ڪيون. ھن تقريب ۾ سڀني سارلھندڙن، محبتون ڪندڙ سڄڻن، قرب ڏيندڙ ساٿين ۽ يارويس عزيزن جون مھربانيون ادا ڪندي دل جي دفتر ۾ داخلا رکي وئي. آخر ۾ دعائي خير سان ھي تقريب پڄاڻي تي پھتي.

منظور ڪالرو/حيدرآباد