پليجي صاحب کانپوءِ!…..

0
18
پليجي صاحب کانپوءِ!.....

 اهو ايس اين اي جي عروج وارو زمانو هو ۽ سنڌي عوام ضيائي آمريت جي ڊگهي جبر کانپوءِ نه رڳو مڙي مٺ ٿيو هو پر ان اتحاد سان وڏيون اميدون وابسته ڪري چڪو هو. مئي 1988ع جي ڌوڙ ڌوڙ موسم ۾ جمع بازار حيدرآباد واري ميدان اندر مِٽيءَ هاڻن ماڻهن جو وڏو عام جلسو ٿي گذريو هو ۽ ان جلسي ۾ پليجي صاحب جي ڪيل تاريخي تقرير جي گونج اڃا تازي ئي هئي ته عوامي تحريڪ کي اندران کاٽ هڻي انکي زمين دوز ڪرڻ جون تياريون تيز ڪيون ويون.

                 منهنجي مشاهدي ۾ آيل اهو پهريون موقعو هو جڏهن غير سنڌي تنظيمن جي آمد جي ذريعي هڪ طرف کيس اتحاد جي اندر سوڙهو ڪري سندس مضبوط ۽ موزون موقف کي بي وزن ڪرڻ جون رٿابنديون ٿي رهيون هيون ته ٻئي پاسي پليجي صاحب ۽ سندس پارٽي جي خلاف ھر “ڪزبانو” ڪوٽ تي چڙهڻ جي تيارين ۾ هئي.

                  خطرناڪ حد تائين تنگ تيل اهو اندروني ۽ بيروني سازشن جو گهيرو به جڏهن هن عظيم انقلابي اڳواڻ جي دل جو ديبل فتح ڪري نه سگهيو ۽ پارٽي جي اڪثر مشهور ۽ مرڪزي قيادت هڪدم ميسڻائپ جا پنج ئي ڪپڙا لاهي چوواٽن تي بيهي دانهون ڪرڻ لڳي ته، “پليجي صاحب جو ساٿ ڇڏي ڀڄي اچو، نه ته ٻي صورت ۾ سنڌين جي بچڻ جي ڪابه واهه باقي نه بچندي”.

تڏھن عام طرح وايون بتال ڪندڙ اهڙي صورتحال ۾ پليجي صاحب جون وايون انڪري بتال نه ٿيون جو سندس پيٽ ۾ علم جا ست سمنڊ ڇوليون هڻي رهيا هئا. هن پنهنجي همت ۽ حوصلي کي بلڪل ايئن سلامت رکيو، جيئن ڪنهن سچي پچي مڙس ماڻهوءَ کي رکڻ کپي ۽ سچي پچي مڙس ماڻهوءَ جا اهڃاڻ ٻڌائيندي ھن واضح ڪيو ته، “جڏهن تنهنجي چوڌاريءَ سڀ ماڻهو حواس وڃائي ويهي رهن ۽ سڄو ڏوهه توتي مڙهين،

پوءِ به تون پنهنجا هوش ۽ حواس سلامت رکين

جڏهن سڀ ماڻهو توتي ڀروسو نه ڪن

تون تڏهن به پنهنجو پاڻ تي ڀروسو قائم رکين

تون جيڪڏهن انتظار ڪندي ڪندي ٿڪجي نه پوين

ماڻهن جون پنهنجي باري ۾ ڪيل ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي

تون پاڻ ڪوڙ هڻڻ نه لڳين

تون جيڪڏهن وڏا خواب ڏسي سگهين

تون جيڪر اها ڳالهه برادشت ڪري سگهين ته

تنهنجي ڳالهايل سچ کي ڪوڙڪي بڻائي توکي ئي سوگهو ڪيو پيو وڃي

تنهنجي اکين اڳيان اهي سموريون شيون ۽ ڳالهيون ڀڃي ڀور ڪيون وڃن، جن کي ٺاهڻ لاءِ تو پنهنجي سموري زندگي ڏني ھجي

تو زندگي جي راند ۾ هيستائين جيڪي به کٽيو آهي

انکي هڪڙي داءُ تي لڳائي سگهين ۽ هارائي وجهين

۽ وري الف کان نئين سر راند شروع ڪرين

تو وٽ جڏهن رتيءَ جيتري پهچ به نه رهي هجي تڏهن به تنهنجي دل ۽ تنهنجا اعصاب سچ مان هٿ نه ڪڍن

تون جڏهن ماڻهن جي ميڙاڪن سان ڳالهائين

تڏهن به پنهنجون شرافتون برقرار رکين

توکي نه دشمن ۽ نه ئي دوست ڪو دلي صدمو ڏئي سگهي

تون جيڪڏهن هڪڙي منٽ ۾ ڊوڙ پائي سٺ سيڪنڊن جيترو فاصلو طئه ڪري ان منٽ کي سئو سيڪڙو سجايو ڪري سگهين

ته پوءِ هي ڌرتي تنهنجي آهي

۽ پوءِ تون سچ پچ مڙس ماڻهو آهين”.

پليجي صاحب جي زندگيءَ ۾ جيتوڻيڪ مذڪوره زماني کان اڳ به ڪيئي مشڪل زمانا ۽ گهڙيون آيون ۽ ويون هونديون، کيس ٽاري ٽاري ڪري ٽوڙڻ لاءِ سازشن جا ان کان به وڌيڪ تيز طوفان آيا هوندا ۽ پنهنجين ئي صفن مان اوچتو ڀڙڪو ڏئي اٿيل همراهن جي هٿن ۾ اڀا ٿيل روين جا ڪيئي خنجر لهرايا هوندا پر مون جيئن مٿي ڄاڻايو آهي ته منهنجي مشاهدي ۾ آيل اهو پهريون زمانو هو جڏهن پليجي صاحب جي ڊگهي قلمي ۽ عملي پورهئي کانپوءِ ڪک ڪک ڪري ٺاهيل عوامي تحريڪ جي آکيري کي تيلي ڏيکاري ان جي پارٽي سان گڏ انجي اعصابن کي به ٽوڙڻ چاهيو ويو ھو پر هو جدوجهدن جي سائنس جو اهڙو ماهر ماڻهو هو، جنهن پارٽي اندر لڳل ان وڏي کاٽ کانپوءِ همت هارڻ بدران سازشن جي ان طوفان ۾ ڪک پن ٿي وڃڻ کان بچي ويل ساٿين کي جنگشاهي ۾ سڏي انهن تي واضح ڪيو ته، اهڙن وفادار ساٿين مان به جيڪڏهن ڪي ساٿي ساهي پٽڻ چاهين ٿا ته مٿن ڪا به ميار نه هوندي ۽ هو پاڻ گڏجاڻي ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر گهٽيءَ ۾ ملندڙ پهرئين ماڻهوءَ کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيندي ٻيهر ‘ٻڙيءَ’ کان جدوجهد شروع ڪندو. اها ٻي ڳالهه هئي جو انهن وفادار ساٿين مان ڪنهن به ساهي پٽڻ بدران سندرا ڇڪي ٻڌڻ جو عهد ڪيو ۽ پوءِ “فڪر پليجو” جي واٽ انهن ٽانڊاڻن جي جهرمر ۾ جرڪڻ لڳي۔

چٻن جي اک ۾ ٿڌي چانڊوڪي ڀري ٿي مرچ ڀلي ته ڀرجن

سهائين جو اتان ئي سرگس مٽيندو چنڊا ڀلي مڇرجن.

ان زماني جو ذڪري ڪندي پليجو صاحب پاڻ چوندو هو ته، پنهنجا مهربان قدردان پنهنجي پر ۾ اسانکي ماريو، ڪفن پارايو، جنازو پڙهيو، ڪن جيڏي قبر ۾ دفن ڪريو واپس اچيو تڏو وڇائين ئي مس ٿا ته پاڻ نه ڄاڻ ڪيئن ۽ ڪٿان قبر مان نڪريو انهن جي مٿان اچيو سلام ٿا واريون. اھڙي بي رحم زماني جي سنڌائتي وار مان بچي نڪتل سنڌ جو هي سچيت ۽ سورهيه سرواڻ جڏهن قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ ۽ بربريت جي سامهون للڪار بڻجي ٻيهر ميدان ۾ لٿو، تڏهن سنڌ مخالف قوتن هن مان مستقل طرح جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ طرف سندس نظرئي جي نڙي تي ننهن ڏيڻ لاءِ پارٽي اندر وڏيرڪا رجحان وڌائڻ جي ريهرسل شروع ڪرائي ۽ ٻئي طرف اهو تاثر عام ڪرڻ جي پروپيگنڊا شروع ڪئي وئي ته جيڪڏهن وڏيرن جي ترجمان سوچ کي “فڪر پليجو” تي ترجيح نه ڏني وئي ته پليجي صاحب جي طبعي ڄمار پوري ٿيڻ کانپوءِ نڪا پارٽي بچندي ۽ نه ئي وري سندس نالي وٺڻ وارو ڪو بچندو.

ان رٿابندي تي عمل شروع ٿيڻ کانپوءِ جنهن تيزي سان پارٽي اندر وڏيرڪن روين جو پرچار شروع ٿيو، ان ئي تيزي سان عوامي سطح تي اهو سوال به سامهون اچڻ لڳو ته پليجي صاحب جي وفات کانپوءِ پارٽي جو ڇا ٿيندو؟ انهن ٻنهي سوالن ۾ عام طرح جيترا مونجهارا سمايل هئا، پليجو صاحب وري ايترو ئي پنھنجي موقف ۾ واضح هو. هو ڪچهرين جي دوران پارٽي اندر وڌندڙ منفي روين جو ذڪر ڪندي بلڪل غير محسوساتي طريقي سان ان تصور جي اپٽار به ڪري ويندو هو، جنهن ۾ سندس جسماني غير موجودگيءَ جي باوجود پارٽي جي موجودگيءَ سان گڏ ڪامياب جدوجهدن جو پورو خاڪو اکين اڳيان تري ايندو هو.

هڪڙي ڪچهري دوران پليجي صاحب پنهنجي جسماني غير موجودگيءَ جو جڏهن ذڪر ڇيڙيو هو ته اتي موجود پارٽي جي هڪڙي سينئر ۽ نظرياتي آڳواڻ ڀرجي آيل نيڻن ۽ نڙيءَ سان کيس گذارش ڪئي هئي ته اوهانجي جسماني وڇوڙي وارو تصور ئي اسان لاءِ ناقابل برداشت آهي، تنهنڪري ٻئي ڪنهن موضوع تي ڳالهائجي ته بهتر ٿيندو. پليجي صاحب ان ساٿي جي حساسيت کي بنياد بڻائي اتي موجود سڀني دوستن تي اهو واضح ڪيو ته جيڪڏهن اوهين دل جا ايترا نرم آهيو ۽ اوهانجا اعصاب ايترا ڪمزور آهن ته پوءِ مخالفن جي اها ڳالهه سئو سيڪڙو صحيح ثابت ٿي سگهي ٿي ته اوهين مونکان پوءِ تنظيمي طرح جٽاءُ نه ڪري سگهندا. پليجي صاحب جي پاران هوريان هوريان ٿيندڙ اهڙي تنبيهه ۽ تربيت پارٽي ۾ موجود وفادار، ذميوار، نظرياتي ۽ بهادر ساٿين جي وڏي اڪثريت کي نه رڳو ثابت قدمي سان اٿي بيهڻ لاءِ تيار ڪيو پر پارٽي ۾ موجود وڏيرڪن روين کي پنهنجي نظرياتي پروڻ مان ڇنڊي ڇاڻي پارٽي جون واڳون پارٽي ۾ موجود انهن تنظيمي ادارن جي هٿ ۾ ڏنيون، جن پليجي صاحب کانپوءِ اڄ ڇهه سال پورا ٿيڻ تائين نه رڳو ڪاميابي سان پارٽي جي قيادت ڪئي آهي پر مخالفن پاران پيدا ڪيل سڀني مفروضن کي به ڪک پن ڪري ڇڏيو آهي.

پليجي صاحب کانپوءِ انجي وڇوڙي جو ڏونگر جيڏو ڏک پنهنجي دل ۾ دفن ڪري عوامي تحريڪ لڳاتار جدوجهد جي جنهن ميدان ۾ رهي آهي. ٻيٽن جي وڪري کان زمين جي نيلامي، بي گناهه ماڻهن جي قتلام کان سرداري نظام جي خاتمي، ڪاروڪاري کان ڌاڙيل راڄ، وڏيرڪي ڪرپشن، انتظامي نااهلي، ناڻي ۽ پاڻي جي ڦرلٽ، بدامني، بيروزگاري، مهانگائي ۽ مارا ماري تائين هر مسئلي تي عوامي تحريڪ جو اڳواڻي وارو ڪردار ناقابل فراموش آهي. پليجي صاحب جي جسماني وڇوڙي کانپوءِ سندس پارٽي “فڪر پليجو” جي نظرياتي رسيءَ کي ايتري مضبوطي سان انڪري ئي جهلي سگهي آهي، جو پليجو صاحب نظرياتي طرح انجي پوري تربيت ڪري ويو آهي ۽ اڄ سندس ڇهين ورسي واري ڏينهن اها ڳالهه پوري يقين سان ڪري سگهجي ٿي ته هاڻ “فڪر پليجو” هارائي نٿو سگهي ۽ ٻي معنيٰ ۾ سنڌ هارائي نٿي سگهي.

ڌرتي ڇا ڇا دان ڪري وئي

اوک ڏئي انسان ڪري وئي

طوفانن ۾ ڪڏندي ڪشتي

ساحل کي حيران ڪري وئي