ٽنڊو محمد خان (ن پ ا) ٽنڊو محمد خان جي سعيد پور ڀرسان ڳوٺ حسين ملاح جي رهواسڻ عورت مسمات قمر النساء زال مير محمد ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب اچي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته مون کي ڳوٺ جا بااثر خدابخش ملاح ، گل محمد ملاح ، بخشو ، محمد پوڙهو ملاح ، مجنون ۽ ٻيا بغير ڪنهن جواز جي مختلف طريقن سان تنگ ڪن ٿا ۽ زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ اهڙي عمل خلاف مون ٽنڊو محمد خان پوليس کي لکت ۾ درخواست مذڪوره جوابدارن خلاف ڏني آهي پر پوليس بااثر جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪري رهي آهي. هن چيو ته مون کي زبردستي ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن ، هن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مون کي انصاف ڏيئي ڄاڻايل جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.