ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ آبادگارن روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ سئي ڪندر شاخ جي پڇڙي ۾ ڏيڍ مهيني کان پاڻي جي هٿرادو بندش خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي قاسم هنڱورو، عمران بروهي، محمد ابراهيم هڪڙو، اعجاز جمالي ۽ ٻين چيو ته سئي ڪندڙ شاخ جي پڇڙي ۾ ڏيڍ مهيني کان پاڻي جي شديد کوٽ آهي، پاڻي نه ڇڏڻ سبب پڇڙي ۾ شاخ سڪي ٺوٺ بڻجي وئي آھي، هنن چيو ته پاڻي نه ملڻ سبب ڪمند، وونئڻ ۽ ٻيا فصل سڪي تباهه ٿي ويا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.