ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) ٽنڊومحمدخان ۾ تعلقي حيدرآباد جي رهواسي جوڙي پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان ڳوٺ سائين بخش ٽنگڙي جي رهواسي خير محمد ٽنگڙي ۽ انيتا ٽنگڙي احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان پاڻ ۾ ٻئي سئوٽ آهيون، هلندڙ مهيني جي 2 تاريخ تي عدالت ۾ شادي ڪئي آهي، جنهن تان مائٽ ڏمرجي پيا آهن ۽ اسان کي مارڻ چاهين ٿا، جنهن سبب دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.