ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سال 2002ع واري رپورٽ

0
180
ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سال 2002ع واري رپورٽ

 عالمي شفافيت واري اداري جنهن کي انگريزي ۾ Transparency International چيو وڃي ٿو، دنيا جي ملڪن ۾ سال 2022ع ۾ ٿيل ڪرپشن بابت رپورٽ شايع ڪري ڇڏي آهي. هي هڪ جرمن ادارو آهي، جنهن جي سڄي دنيا جي ملڪن ۾ شاخون آهن، اهو ادارو سرڪاري کاتن ۾ ٿيل ڪرپشن جي بنياد تي پنهنجي رپورٽ ڏئي ٿو. انهن ملڪن جي سروي ڪري نمبر ڏنا وڃن ٿا. هر ڪنهن ملڪ کي ٻڙي کان وٺي 100 تائين نمبر ڏنا وڃن ٿا. ٻڙي معنيٰ وڌ ۾ وڌ ڪرپٽ ملڪ ۽ 100 نمبر معنيٰ گهٽ ۾ گهٽ ڪرپٽ ملڪ. اداري جي ڏنل رپورٽ موجب نه ڪنهن سال ڪنهن ملڪ کي 100 نمبر مليا آهن نه ڪنهن ملڪ کي ٻڙي نمبر مليا آهن. معنيٰ ڪو به ملڪ پاڪ پوتر ڪونهي، نه صفا گهٽ ڪرپٽ آهي. هن اداري 180 ملڪن جي سروي ڪئي. وڌ ۾ وڌ نمبر ڊينمارڪ حاصل ڪيا يعني، 90 جنهن موجب هي دنيا جو گهٽ ۾ گهٽ ڪرپٽ ملڪ آهي. جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ مارڪون کنيون سوماليا، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هي دنيا جو وڌ ۾ وڌ ڪرپٽ ملڪ آهي. پاڪستان جون مارڪون آهن 27 جنهن مان خبر پوي ٿي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن گهڻي آهي.

دنيا جا گهٽ ۾ گهٽ ڪرپٽ ملڪ:

ملڪ کنيل مارڪون

1.ڊينمارڪ 90

  1. فن لينڊ 87
  2. نيوزيلينڊ 87
  3. ناروي 84
  4. سنگاپور 83
  5. سوئيڊن 83
  6. سوئزرلينڊ 82
  7. نيدرلينڊ 80

9.جرمني 79

  1. آئرلينڊ 70

دنيا جا وڌ ۾ وڌ ڪرپٽ ملڪ:

ملڪ کنيل مارڪون

  1. سوماليا 12

2.سيريا (شام) 13

  1. سائوٿ سوڊان 13
  2. وينزويلا 14
  3. لبيا 17
  4. نارٿ ڪوريا 17
  5. هيٽي 17
  6. ايڪيوليٽرل گانا 17
  7. برونڊي 17

هڪڙي پاسي عالمي شفافيت وارو ادارو مختلف ملڪن کي نمبر ڏئي ٿو، جنهن کي بدعنواني جو ادراڪ يا لاڙو چئجي ٿو. يعني Corruption Perception Index. مختلف ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪهڙو ملڪ ڪهڙي نمبر تي رهيو. مثال طور پاڪستان 2017ع ۾ 117 نمبر رهيو، جڏهن ته سال 2018ع واري رپورٽ ۾ اهو نمبر ساڳيو رهيو. ڪل ملڪ جيڪي سروي ڪيا ويا سي هئا 180 يعني 16 ملڪ اهڙا آهن، جيڪي پاڪستان کان گهٽ ڪرپٽ آهن. 163 ملڪ اهڙا آهن، جيڪي پاڪستان کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن. اچو پاڙيسري ملڪن جو جائزو وٺون. ايران جون مارڪون آهن 25، افغقانستان جون مارڪون آهن 24، بنگلاديش جون مارڪون آهن 25، هندستان جون مارڪون آهن 40، معنيٰ ايران، افغانستان ۽ هندستان پاڪستان کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن، جڏهن ته پاڪستان هندستان کان وڌيڪ ڪرپٽ ملڪ آهي.

پاڪستان ۾ ڪرپشن:

اها ڳالهه ڪنهن کان لڪل ناهي ته پاڪستان ۾ تمام گهڻي ڪرپشن آهي، جيڪڏهن پاڪستان کي ترندڙ برفاني ڇپ سان ڀيٽ ڪجي، جنهن جو تمام ننڍو حصو نظر اچي ٿو، جڏهن ته وڏو حصو نظر کان لڪل رهي ٿو، جنهن کي (Tip oficeberbg) چئجي ٿو. هيٺان ڪجهه حصا ان جي برفاني ڇپ جي خبر ڏين ٿا.

ڪرپشن ترقياتي ڪمن، ٻين ملڪن سان ڏيتي ليتي ۽ واپار ۾ ٿئي ٿي.  اهي اهڙا ڪم آهن، جن ۾ سڌو سنئون اسان جا سياستدان ۽ ڪامورا ملوث ٿين ٿا. ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن ڪڪ بيڪ ۽ گهپلا ڪيا وڃن ٿا. انهن ٺيڪيدارن کي ڪم ڏنا وڃن ٿا، جيڪي وڌ کان وڌ صاحبن کي پئسو پهچائي سگهن. پسند جا آفيسر انهن جاين تي رکيا وڃن ٿا، جتي وڌيڪ ماليت وارا ڪم هوندا آهن. عالمي سطح تي ٻين ملڪن کان هٿيار ۽ ٻيون شيون ورتيون وڃن ٿيون. اهي شيون وٺڻ مهل به پنهنجو حصو طلبيو وڃي ٿو. اهو حصو ٻاهرين ملڪن ۾ ورتو وڃي ٿو ۽ اتي جي ئي ملڪن ۾ رکيو وڃي ٿو. اهو حصو جيڪو ملڪ جو آهي، ملڪ جي ڪم نٿو اچي. نتيجي ۾ ملڪ ۾ روڊ، رستا نٿا ٺهن. ٻارن جي تعليم لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج کوليا نٿا وڃن. علاج لاءِ نيون اسپتالون نه ٿيون ٺاهيون وڃن. جتي وري اسپتالون ٺهيل آهن، اتي وري دوائون ۽ ٻيون سهولتون ناهن، شهرن ۾ پاڻي نيڪالي جو نظام ناقص ٺاهيو وڃي ٿو. جنهن ڪري گٽرن جو پاڻي اٿلي ٿو ۽ رستا ٻڏل رهن ٿا ۽ ڌپ ايتري رهي ٿي. شهرن ۾ گند نٿو کنيو وڃي ۽ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي وڃي ٿو. معنيٰ ملڪ ۾ ترقي نٿي ٿئي. ٺاهيل ڪم ناقص هجن ٿا، جيڪي گهڻو وقت نٿا هلن، جيڪو پئسو ٻاهر هليو وڃي ٿو، اهو ملڪ جي ترقي لاءِ استعمال نٿو ٿئي. جيڪڏهن انهي پئسي مان ملڪ جو ڪارخانا لڳن ته ماڻهن کي روزگار ملي سگهي ٿو ۽ شيون ٻاهران گهرائڻ بدران ملڪ ۾ ئي ٺهن ۽ غير ملڪي ناڻو بچي، جيڪو ٻين ضرورتن لاءِ ڪم اچي سگهي ٿو.

پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽجڻ جا امڪان:

هڪ چيني چوڻي آهي: “مڇي مٿي کان سڙڻ شروع ڪري ٿي” معنيٰ خرابي سياستدانن ۽ حڪمرانن کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪامورن تائين پهچي ٿي. ڪامورن جي ڪهڙي مجال جو اهي ڪرپشن ڪن. جيستائين حڪمران ايماندار هجن. پوءِ اها بيماري هيٺين سطح تائين ڦهلجي وڃي ٿي. وري اسان جي ملڪ ۾ قانون اهڙا آهن، جو اميرن ۽ اثر رسوخ وارن کي مدد ڪن ٿا ۽ غريب کي سزا ڏيارين ٿا. غريب ٻڪري چورائي ٿو ته سزا کائي ٿو، جڏهن ته امير سياستدان ۽ حڪمران اربين رپين جي ڪرپشن ڪن ٿا ۽ بچي وڃن ٿا. اهڙي صورت ۾ سماج ۾ انهن جي پوزيشن ۽ اثر رسوخ استعمال ٿئي ٿو. وري اسان جو عدالتي نظاو اهڙو آهي، جڪو ڪيسن جي شنوائي سالها سال هلي ٿي. ڊگهي عرصي جي ڪارروائي ۾ ڪيس ڪمزور ٿي وڃي ٿو، جو ڪيتريون شهادتون گم ٿي وڃن ٿيون. هينئر ماحول بدلجي ويو آهي. سپريم ڪورٽ تڪڙا ڪيس پئي اڪلائي، نئون چيف جسٽس انهيءَ خيال جو آهي ته ڪيس تڪڙا اڪلايا وڃن، جيڪڏهن ڪنهن وڏي ماڻهو خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته ڪرپشن وارا ڊڄي ويندا ۽ ملڪ ۾ ڪرپشن ڪافي گهٽجي ويندي. ملڪ جو پئسو ماڻهن کي سهولت ڏيڻ ۾ ڪم ايندو ۽ ماڻهن جون ڏکيائيون ڪافي گهٽجي وينديون. دنيا جو ڪو به ملڪ ڪرپشن کان پاڪ ناهي. هر ڪنهن ملڪ ۾ ڪرپشن آهي، ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ. عالمي شفافيت واري اداري جي سال 2022ع واري رپورٽ موجب ڪنهن به ملڪ جون مارڪون 100 ناهن معنيٰ هر ڪنهن ملڪ ۾ ٿوري گهڻي ڪرپشن آهي. پاڪستان جون مارڪون سال 2022ع واري رپورٽ ۾ 27 آهن، جن ملڪن جون مارڪون 50 کان گهٽ ناهن ته انهي ملڪ ۾ تمام ڏکي صورتحال هجي ٿي. انهيءَ سنجيده صورتحال ۾ وقت لڳندو. جنهن نموني نواز ليگ جي حڪومت انهي خلاف مهم هلائي رهي آهي،انهي سان بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي . منهنجي خيال ۾ صورتحال ۾ جلد بهتري ايندي ڇاڪاڻ جو ڪنهن به ملڪ ۾ ٻڙي ڪرپشن ناهي. اميد ٿي ڪجي ته جلد پاڪستان ۾ ڪرپشن واري صورتحال بهتر ٿيندي.