ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ شهيد ناظم کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

0
299
شهيد ناظم کي ڀيٽا پيش
ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ شهيد ناظم کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کي جرئت سان للڪاريندي اظهار جي آزاديءَ واري راهه ۾ شهيد ٿي ويل ناظم جوکيو کي ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪينجهر کان ڪارونجهر ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

ٽائيم نيوز پاران صبح کان رات تائين هر بليٽن ۾ شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس حياتيءَ  جون آخري وڊيوز نشر ڪيون ويون. ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ به شهيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جون تقريبون منعقد ڪيون ويون. ڪراچي پريس ڪلب آڏو ٿيل تقريب ۾ شهيد جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري ۽ گل رکي ڀيٽا ڏني وئي. تقريب ۾ صحافين کانسواءِ سياسي سماجي اڳواڻ به شريڪ ٿيا. ڪراچي ۾ فشر فوڪ فورم پاران به شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا ڏني وئي

حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ به ڀيٽا پيش ڪرڻ واريون تقريبون ٿيون. شهيد ناظم جوکيو جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري ۽ گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سنڌ جي ننڍن شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ به شهيد ناظم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جون تقريبون ٿيون. مٺي ۾ شهرين پاران شهيد ناظم کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ڀرياروڊ، ڀريا سٽي، ڏهرڪي، گلاب لغاري، هالا، جهڏو ۽ ٻين شهرن ۾ به تقريبون ٿيون

نوري آباد، ڪي اين شاهه، ڪنڊيارو، ڪوٽڙي، مديجي، شهدادڪوٽ، قمبر، سيوهڻ، سيٺارجا، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو باگو ۾ به شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون ٿيون. شهيد جي تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. عمرڪوٽ، دادو، جوهي، گاجي کهاوڙ، گهوٽڪي، همايون شريف، جهول ۽ ڪرونڊي ۾ به شهيد ناظم جوکيو کي ڏيئن ۽ گلن جي ڀيٽا ڏني وئي. پڊعيدن، قاضي احمد، سڳيون، ٺل، بدين، ڇور ۽ چوهڙ جمالي ۾ به شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي

ھي وڊيو بھ ڏسندا