ٻي ٽيسٽ: پاڪستان پهرين اننگز 302 رنز ڊڪليئر ڪري ڇڏي

0
183

ڪنگسٽن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 302 رنز 9 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي. پاڪستان طرفان فواد عالمي شاندار سينچري اسڪور ڪئي ۽ 124 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، اها سندس ڪيريئر جي پنجين سينچري آهي. پاڪستان پهرين اننگز 302 رنز 9 رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪئي، جڏهن ته ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تائين پاڪستاني بالرز شاندار بالنگ ڪندي ويسٽ انڊيز جي 3 رانديگرن کي 39 رنز تي آئوٽ ڪيو. ويسٽ انڊيز جي ڪپتان ڪريگ بريٿ ويٽ4، ڪائيرن پوويل 5 ۽ روسٽن چيس 10 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 2 ۽ فهيم اشرف هڪ وڪيٽ ورتي.