ارسلا ڪوربيرو کي بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش

0
185

ممبئي(شوبز نيوز) مني هائيسٽ جي ڪامياب اداڪارا ارسلا ڪوربيرو بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپاني اداڪارا ارسلا ڪوربيرو مني هائيسٽ سيريز جي چئن سيزن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي جڏهن ته سيريز جي پنجين ۽ آخري سيزن ايندڙ مهيني رليز ٿيندي. ارسلا ڪوربيرو هندستاني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته آئون ڀارتي فلمون شوق سان ڏسندي آهيان انڪري اتي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. هن چيو ته بالي ووڊ ۾ به ڪم جي اهميت آهي.