ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي ۾ 25 ڏينھن اڳ نانگ ڪکڻ بعد ڊاڪٽرن جي لاپرواھي سبب فوت ٿيل 13 سالن جي نينگر ثناءُ الله جمالي جي فوت ٿيڻ واري معاملي جو جرڳو، اڳوڻي چيئرمين ٻانڌي مظفر حسين جمالي جي سرپئنچي ۾ منھڙو لڳ ڳوٺ غلام محمد جمالي ۾ ٿيو، فيصلي ۾ ٻنھي ڌرين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد ڊاڪٽرن ۽ اسپتال عملي تي غفلت ثابت ٿي جنھن بعد ڊاڪٽرن ۽ اسپتال عملي تي ڏهه لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جنھن بعد ٻه لک رپيا معاف ڪيا ويا، جڏھن ته ٻانڌي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر امداد اتره تي پنج لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڊيوٽي انچارج ڊاڪٽر گل محمد مري تي ٻه لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو ۽ ڊيوٽي تي موجود ھيٺين ملازمن تي ھڪ لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. جڏھن ته ٽوٽل ڏنڊ جي رقم 8 لک رپيا ڪجهه ڏينھن ۾ فوتي نينگر جي والد حبيب الله جمالي کي ڏنا ويندا، جنھن بعد فوتي نينگر جو والد حبيب الله جمالي ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان ڪورٽ ۾ داخل ڪيل ڪيس تان ھٿ کڻندو.