ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي ۾ پنچ ڏينھن اڳ قتل ٿيل شاھد رضا جمالي ۽  بشير جمالي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جمالي اتحاد، شھري اتحاد ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن جمالي مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي جمالي اتحاد جي صدر امير مختيار جمالي، سھيل جمالي، نورل جمالي، جونئير جي ايم جمالي، مسرور جمالي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته پنج ڏينھن اڳ ڪورائي ڌر جي ھٿياربندن کلي ٻانڌي شھر ۾ دڪان تي ويٺل نوجوان شاھد رضا جمالي ۽ بشير جمالي کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، پنج ڏينھن گذرڻ باوجود قاتل غلام نبي ڪورائي ۽ طارق عرف طارو ڪورائي  کي پوليس گرفتار نه ڪري سگھي آجهي، هن چيو ته اسان کي ڪمزور نه سمجھيو وڃي، پلاند ڪرڻ ڄاڻون ٿا پر قبيلائي جھيڙا  نه ٿا چاهيون، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي شهيد بينظير آباد نوٽيس وٺي فوري طور قاتلن کي گرفتار ڪري، جيڪڏهن جلد قاتل گرفتار نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.