ٺل مان گم 2 سئوٽ نينگر اغوا، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب، هڪ جي قتل جي دعويٰ

0
16
ٺل مان گم 2 سئوٽ نينگر اغوا، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب، هڪ جي قتل جي دعويٰ
ٺل مان گم 2 سئوٽ نينگر اغوا، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب، هڪ جي قتل جي دعويٰ

ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ فتح محمد بنگلاڻي جا رهواسي ٻه سئوٽ نينگر نادر بنگلاڻي ۽ قدير بنگلاڻي عيد ڏهاڙي ٺل کان ڳوٺ ويندي گم ٿي ويا هئا جن جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي

مغوي ٻارڙن جي وارثن ڌاڙيلن پاران فون تي رابطو ڪري هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو آهي مغوي نادر علي بنگلاڻي جي سئوٽ بخت الله بنگلاڻي سان فون تي ڌاڙيلن ڳالهائيندي ٻنهي ٻارڙن کي اغوا جي تصديق ڪندي چيو ته توهان جو هڪ ڇوڪرو مارجي ويو آهي باقي هڪ اسان وٽ قيد آهي هڪ ڪروڙ ڀنگ ڏيو ته ڇوڪرو اوهان کي واپس ملندو

ڌاڙيلن جي مغوي نينگرن جي وارثن سان فون رابطو ڪري ڌمڪي ڏني جنهن بعد مغوي ٻارڙن جا وارث پريشان ٿي ويا آهن بخت الله بنگلاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان کي ڌاڙيلن فون تي رابطو ڪري هڪ نينگر کي قتل ڪري ڇڏڻ جو اطلاع ڏنو آهي

هن چيو ته هڪ نينگر جي واپسي لاء هڪ ڪروڙ ڀنگ گهريو ويو آهي۔اسان غريب آهيون پئسا ڪٿان آڻيون۔ٻارڙن کي بازياب ڪرايو وڃي۔مغوي ٻن سئوٽن جي وارثن جي ايس ايس پي جيڪب آباد کي اپيل ڪندي چيو ته خدا جي واسطي اسان جا ٻارڙن کي بازياب ڪرايو وڃي

ياد رهي ته ٻنهي نينگرن قدير بنگلاڻي ۽ نادر بنگلاڻي کي ٻه هفتا اڳ ٺل کان واپس ڳوٺ فتح محمد بنگلاڻي ويندي رستي مان اغوا ڪيو ويو هو

هي به پڙهندا

غوثپور ۾ اغوا ٿيل 3 واپاري بازياب نه ٿيا، اڄ ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال