ون يونٽ اڃا نه ٽُٽو آهي!

0
14
ون يونٽ اڃا نه ٽُٽو آهي!

 سڀاڻي پهرين جولاءِ جو ڏينهن سنڌ جي ون يونٽ کان نجات حاصل ڪرڻ جي حوالي سان هر سال ملهايو وڃي ٿو، اها هڪ سٺي ڳالهه آهي. پر اڃا وڌيڪ بهتر ٿيندو ته اسين موجوده صورتحال جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري حقيقتن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪريون.

                 اسان وٽ “ون يونٽ” جو اصطلاح جيتوڻيڪ 1954ع ۾ متعارف ٿيو. پر دراصل ان مان مراد سنڌ جي صوبائي خودمختياريءَ جو اهڙي نموني خاتمو هو. جنهن جو لازمي نتيجو هڪ ڪمزور قوم کي طاقتور قومن ۽ صوبن پاران هٿ چراند، غلامي، محڪومي، ۽ لتاڙ هيٺ آڻڻ هو. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي انتظامي حيثيت قديم دور کان 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي تائين هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ واري هئي. پر ان بعد 1847ع ۾ انگريزن ان جي صوبائي حيثيت ختم ڪري مورڳو ان کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو، ان بعد سنڌ جي عوام 1857ع جي جنگ آزاديءَ. بچو بادشاهه واري پهرين حر تحريڪ، ريشمي رومال تحريڪ، خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، سنڌ جي بمبئي کان آزاديءَ جي تحريڪ، هارين جي حقن جي تحريڪ سميت ڪيترين ئي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. تاريخ جا ورق تفصيلن سان ڀريل آهن. وڏي جدوجهد بعد نيٺ 1936ع ۾ سنڌ وري هڪ خودمختيار صوبو بڻجي وئي. سنڌ واسين داخلي اختلافن باوجود پنهنجا مامرا نبيرڻ شروع ڪيا. ايتري قدر جو سکر بيراج جو قرض مرڪزي سرڪار کي وقت کان گهڻو اڳ موٽائي ڏئي ڇڏيو. پر بدقسمتيءَ سان 1939ع جي هندو مسلم فسادن سبب مسجد منزل گاهه واري واقعو پيش آيو، ڀڳت ڪنور رام، الله بخش سومرو ۽ سورهيه بادشاهه جي شهادت سميت کوڙ سارا واقعا پيش آيا. جن 1946ع وارين چونڊن ۾ مسلم ليگ جي ڪاميابي ۽ سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت لاءِ راهون هموار ڪيون.

سنڌ واسين انگريزن کان آزاديءَ بعد هڪ خودمختيار ۽ خوشحال سنڌ جا خواب ڏٺا هئا پر 1948ع ۾ مرڪز پاران ڪراچيءَ جي سنڌ کان جدائي، سنڌ جي هندن کي فسادن وسيلي زوري لڏائي ٻاهران ايندڙ ماڻهن کي آباد ڪرڻ. صوبائي مامرن ۾ مرڪز جي مداخلت  سميت پيش ايندڙ واقعن انگريزن جي غلاميءَ واري دور جي ياد تازي ڪري ڇڏي. ڳالهه اتي ئي ڇيهه نه ڪيو، پر 1954ع ۾ سنڌ ۾ محمد ايوب کهڙي جي حڪومت قائم ڪري ان مٿان ون يونٽ (يعني اولهه پاڪستان جي صوبن جي حقن کي ختم ڪري هڪ صوبو اولهه پاڪستان قائم ڪرڻ) منصوبي جي حق ۾ ٺهراءُ  منظور ڪرائي. ان کي عملي شڪل ڏني وئي. ون يونٽ دور 1954ع کان 1970ع تائين قائم رهيو. ان دوران سنڌ جي ڊوميسائل، نوڪرين، پاڻي، زمينن جي ونڊ ورڇ، زراعت معدنيات سميت زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ مرڪزي سرڪار جي فيصلن کي حرف آخر واري حيثيت حاصل رهي. اهڙي صورتحال خلاف سنڌ جي عوام تمام وڏي جدوجهد ڪئي ۽ هر فورم تي آواز اٿاريو. جنهن جي نتيجي ۾ جدوجهد ڪندڙ سنڌ جي سياستدانن ڪارڪنن اديبن شاعرن سان تمام گهڻيون عقوبتون ڪيون ويون.  مٿن هر قسم جا ظلم ڪيا ويا. پر پوءِ به انهن آڻ نه مڃي. جنهن ڪري آخرڪار 1970ع ۾ اهو قهري ڪوٽ ڪريو ۽ سنڌ وري هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي نقشي تي هڪ باوقار ۽ خودمختيار صوبو بڻجي اڀري.

جڏهن اڄ اسين 1970ع کان پوءِ جي صورتحال  جو تجزيو ڪريون ٿا ته وري به صورتحال ڀوائتي حد تائين جهڙوڪر ساڳي ئي پئي محسوس ٿئي اچو ته ڏسون:

* 1970ع ون يونٽ ٽٽڻ ۽ صوبن بحال ٿيڻ جي صورت ۾ سنڌ سنڌ  پاران مرڪز  کي ڏنل 1947ع ۾ 28 ڪروڙ  قرض ۽  ون يونٽ  ٺهڻ بعد 33 ڪروڙ  رپيا ڏيڻ جو حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻ گهرجي ها پر ان وقت جي سنڌ سرڪار ان سلسلي ۾ ڪا به ڳالهه نه ڪئي.

* 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي پنهنجي تاريخي صوبائي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي تعليم ادارن ۽ دفترن ۾ رائج ڪرڻ لاءِ بل منظور ڪيو  ته ان تي فساد ڪيا ويا. آخر ڪار سنڌ  سرڪار گوڏا کوڙي اردو ۽ سنڌي ٻنهي ٻولي کي رائج ڪرڻ جو هڪ طريقي ڪار مقرر ڪيو، جنهن موجب تعليمي ادارن ۾ سنڌي مادري زبان وارن لاءِ اسان اردو ۽ اردو مادري زبان وارن لاءِ اسان سنڌي ٻارهين ڪلاس تائين پڙهايو ويندو. پر ان قاعدي قانون کي مڪمل طور اڃا سوڌو عمل ۾ نٿو آندو وڃي.

* سنڌ مٿان ٻين صوبن جي آباديءَ جي دٻاءَ جي صورت ۾ نوڪرين ۽ روزگار جي وسيلن تي مقامي آباديءَ جي حقن جي بچاءَ  خاطر ڊوميسائل ۽  پي آر سيءَ جو قانون نهايت اهميت رکي ٿو. 1948ع ۾ مهاجرن جي آمد ۽ ون يونٽ بعد ٻين صوبن جي آباديءَ جي لڏ پلاڻ سبب ان جي اهميت جيئن پوءِ تيئن گهٽجندي رهي آهي. 1970ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي بعد ان کي بهتر بڻائي سنڌ صوبي جي حقن جي بچاءَ لاءِ وڌيڪ سگهارو ڪيو وڃي ها. پر بدقسمتيءَ سان ان اهم ڪم تي جوڳو ڌيان نه ڏنو ويو. جنهن ڪري موجوده صورتحال ۾ اڄ نوبت اتي وڃي بيٺي آهي، جو جيڪڏهن پاڪستان جو ڪوبه رهاڪو ڇهه مهينا ڪٿي رهي پوي ته اهو اتان جو ڊوميسائل ٺهرائڻ جو حقدار قرار ڏنو ويو آهي.

* گذريل هڪ ٻن سالن دوران جي اخباري خبرن موجب سنڌ جي ڪيترن ئي انتظامي ادارن ۾ ٻين صوبن جو ڊوميسائل رکندڙ اميدوارن کي نوڪرين ۾ رکيو ويو آهي. جنهن تي سنڌ جي عوام احتجاج پڻ ڪيو. پر لاڳاپيل ادارن جي ڪنن تي ڪا به جونءَ  ڪونه چري آهي.

* 1973ع جي آئين موجب ڪوئلو ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ بجلي صوبائي اسم آهي. پر عمل ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي.

* 1973ع جي آئين پٽاندڙ سنڌ جا سامونڊيءَ ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن پر تازو اخباري خبرن موجب صوبائي سرڪار ان بابت مرڪز کي اين او سي ڏئي ڇڏي آهي.

* ڊسمبر 2022ع ۾ سنڌ سرڪار پاران ڪشمير افيئرز نالي هڪ نئون کاتو قائم ڪري ڪشمير جي سياسي اڳواڻ عبدالغفار کي ان جو خاص معاون مقرر ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهو عمل صوبائي خودمختياريءَ جي سراسر ابتڙ آهي.

* ڊسمبر 2022ع کان پنجاب جو ڊوميسائل رکندڙ ق ليگ جي سياسي اڳواڻ طارق حسن کي سنڌ آرڪائيوز جو صوبائي صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪو عمل پڻ صوبائي خودمختياري جي خلاف آهي.

* سنڌ جي نهايت قيمتي زمين ڀڳڙن مٺ تي مختلف خانگي ڪمپنين جي غير صوبائي ۽ غير مقامي بااثر ماڻهن کي الاٽ ڪرڻ جو وڏي عرصي کان هڪ سلسلو جاري آهي.

مٿي ڄاڻايل واقعا فقط علامتي نوعيت جا ڪجهه مثال آهن. پر گهرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته حقيقي صورتحال انتهائي ڀوائتي معلوم ٿيندي. سنڌ جي سرزمين ان جا وسيلا ۽ انتظامي مامرن ڪيتري تيزيءَ سان سنڌ واسين جي هٿن مان نڪري رهيا آهن، اسين ان جو فقط تصور ئي ڪري سگهون ٿا. وڌيڪ بدقسمتيءَ اها جو اسان وٽ ڪو به اهڙو ادارو يا مڪينزم به موجود ڪونهي، جيڪو ان سموري صورتحال جي گهرائيءَ سان چنڊ ڇاڻ ڪري رڳو حقيقتون ۽ انگ اکر ئي عوام آڏو آڻي عملي اپاءَ وٺڻ ته اڃا بعد جي ڳالهه آهي.