اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيا مري پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي وڌندڙ شرح تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا جي حوالي سان بروقت موثر قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته نالائق ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران نيازي ڪورونا کي معمولي زڪام چوندو رهيو، جڏهن ته ڪورونا هڪ حقيقت آهي، جنهن ۾ شدت سان اضافو ٿي رهيو آهي، عمران نيازي جي ڪورونا سان منهن ڏيڻ لاءِ “گهٻرائڻُو ناهي” جي پاليسي ملڪ ۽ عوام جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف حڪومت پاران دوائن جي قيمتن ۾ ٿيل اضافو به عوام دشمني برابر آهي، جڏهن ته وزير پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ عمران خان جي خوش آمد ڪرڻ ۾ لڳل آهن.