وزيراعظم شھباز شريف ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪورونا ۾ مبتلا

0
367
شهيد بينظير ڀٽو جمهوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي

 

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته هوءَ 2 ڏينهن کان بيمار هو ۽ ڊاڪٽر جي صلاح تي اڄ ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي جيڪا پازيٽو آئي

اطلاعات واري وزير عوام ۽ ڪارڪنن کي شهباز شريف جي جلد صحتيابي جي اپيل ڪئي آهي

توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ عمران خان کي نوٽيس جاري

توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آھن، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ اليڪشن ڪميشن ڪيس تي ٻڌڻي هلائي

عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ دير جو شڪار ڪيس ڪنهن هڪ هاءِ ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي

اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته هو عام ۽ مڪاني چونڊن جي تياري ڪن يا ڪيس وڙهن، عدالت عمران خان، فواد چوڌري ۽ ٻين خلاف نوٽيسز جاري ڪندي ٻڌڻي 15 ڏينهن ملتوي ڪري ڇڏي آھي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم شھباز شريف پاران ٻوڏ متاثرن جو ٻن مھينن جو بجلي جو بل معاف ڪرڻ جو اعلان

دل تي پٿر رکي پيٽرول جا اگھ وڌايا آھن: وزيراعظم شھباز شريف