وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس: سنڌ جي وڏي سوڌو چئن صوبن جا وڏا وزير به شريڪ

0
449

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس جاري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سوڌو چئن صوبن جا وڏا وزير ۽ وفاقي وزير شريڪ، اجلاس ۾ پاڻي ورڇ تي پيدا ٿيل تڪرار سوڌو ٻين اهم مامرن جو جائزو ورتو ويندو، 18هين ترميم کانپوءِ صوبن جا مامرا ۽ صوبن ۾ فنڊز جي ورڇ تي غور به اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير طرفان پاڻي ۽ آدم شماري جي مامرن ۾ صوبي سان ٿيل زيادتين وارو مامرو به اُٿاريو ويندو.