ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٽرافي ڪيتري جي آهي ۽ اها ڪيئن ٺهي ان باري ۾ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 1999ع کان هڪ ئي طرز جي ٽرافي ٺاهي پئي وڃي. اها ٽرافي برطانيا جي ڪمپني جيراڊ اينڊ ڪو تيار ڪندي آهي. هي ٽرافي 11 ڪلو وزني آهي ۽ ان جي ڊيگهه 60 سينٽي ميٽر آهي جنهن جي تياري تي 30 هزار ڊالر خرچ ڪيا ويندا آهن. هي ٽرافي سون ۽ چاندي سان ٺهيل آهي جنهن جي مٿان سون جو ٺهيل گلوب موجود آهي جڏهن ته ٽئي ٿنڀا چاندي جا ٺهيل آهن جيڪي وڪيٽ ۽ بيلز جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ٽرافي جي هيٺين حصي ۾ هيستائين ايونٽ کٽيندڙ ٽيمن جا نالا لکيا ويا آهن. مستقبل ۾ چيمپئن بڻجندڙ ٽيمن جا نالا لکڻ جي گنجائش به رکي وئي آهي. هاڻ ٽورنامنٽ کٽيندڙ ٽيم کي ٽرافي جي ڪاپي ڏني ويندي آهي جيڪا بلڪل اصل جهڙي هوندي آهي. بس ان ۾ اڳوڻين چيمپئن ٽيمن جا نالا نه هوندا آهن. اصل ٽرافي دبئي ۾ آءِ سي سي جي هيڊ آفيس ۾ رکي ويندي آهي.